حڪومت جي اتحادي اختر مينگل پاران اي پي سي ۾ شرڪت جو فيصلو

news

اسلام آباد: سومر 24 جون 2019ع: تبديلي سرڪار لاءِ وڏو جهٽڪو، حڪومت جي اتحادي پارٽي بي اين پي پاران اي پي سي ۾ شرڪت جو فيصلو.

تفصيل موجب بي اين پي سربراهه اختر مينگل تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ هو دبئي کان اسلام آباد پهچي ويو آهي هو اڄ پارٽي اڳواڻن سان مشاورت به ڪندو.

ياد رهي ته فضل الرحمان اپوزيشن جي آل پارٽيز ڪانفرنس 26 جون تي اسلام آباد ۾ طلب ڪئي آهي، اهم ويهڪ ۾ حڪومت مخالف تحريڪ، اسلام آباد لاڪ ڊائون، سينيٽ چيئرمين جي تبديلي ۽ بجيٽ جي منظوري  تي صلاح مشورا ڪيا ويندا.