ظفر ڪانڌڙو قتل ڪيس: ڄامشورو پوليس پنج جوابدارن جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي، زال ۽ سس مک ڏوهاري قرار

news

ڄامشورو:سومر 24 جون 2019ع: ڄامشوري ۾ نوجوان ظفر ڪانڌڙو جي قتل جو ڳُجهه ظاهر ٿي ويو، نوجوان جي ظفر جي قتل ۾ مقتول جي زال، سس ۽ سس جو ڀاءُ مک جوابدار قرار، هڪ عورت سوڌو 5 جوابدارن جي گرفتاري ظاهر، چئن ڄڻن کي عدالت سامهون پيش ڪيو ويو.

ڄامشورو ۾ هڪ هفتو اڳ بيدردي سان تشدد ڪري ڪهي قتل ڪيل نوجوان دڪاندار ظفر ڪانڌڙو جي قتل واقعي تي ايس ايس پي ڄامشورو توقير محمد نعيم ڄامشورو ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته نوجوان دڪاندار ظفر ڪانڌڙو جي قتل وارو ڪيس منجهائيندڙ هو، پر ان کي جديد فني طريقا استعمال ڪندي حل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي جاچ ۾ رکي مک جوابدارن کي ظاهر ڪيو ويو ۽ قتل جي هنڌ جي نشاندهي ڪري واردات ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار هٿ ڪيا ويا آهن.

ايس ايس پي توقير محمد نعيم پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته ظفر ڪانڌڙو کي سندس سس ڪنيز رقيا جي گهر ۾ قتل ڪيو ويو ۽ ان جي قتل ۾ 3 مک جوابدار آهن جن ۾ مقتول جي زال مهرالنساءُ مگسي، سس ڪنيز رقيا جتوئي، سس جو ڀاءَ انعام عرف ذوالفقار جتوئي شامل آهن، جڏهن ته سندس ٻه سالا ياسين ۽ يامين سميت ٻيا قتل واردات ۾ مددگار ۽ خبردار رهيا آهن، جن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو.

ايس ايس پي پريس ڪانفرنس دوران اهو به انڪشاف ڪيو ته جوابدارن جو مقتول نوجوان ظفر ڪانڌڙو تي الزام آهي ته هن پنهنجي گهر واري جي ننڍي ڀيڻ سان ناجائز تعلق رکڻ پئي چاهيو جنهن تي کيس منع به ڪيو ويو هو، روڪڻ باوجود نه مڙڻ تي کيس قتل ڪيو آهي. ايس ايس پي ٻڌايو ته ان الزام ۾ صداقت نظر نه ٿي اچي ڇو ته جوابدار اهو الزام هڻي ڪا رعايت حاصل ڪرڻ چاهيندا هجن تنهن باوجود پوليس ان طرف به جاچ ڪري رهي آهي، تمام جلد وڌيڪ حقيقتن کي ظاهر ڪيو ويندو.

ان موقعي تي ڊي ايس پي ڪوٽڙي نظر محمد ڊيشڪ ۽ ايس ايڇ او ڄامشورو اشفاق احمد منگي پڻ موجود هئا، پريس ڪانفرنس دوران گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ انعام عرف ذوالفقار جتوئي، ياسين مگسي، يامين مگسي، آصف علي کي ميڊيا آڏو پيش ڪيو ويو.

ايس ايس پي ڄامشورو توقير محمد نعيم پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته نوجوان ظفر ڪانڌڙو کي قتل ڪندڙ مک جوابدار ذوالفقار عرف انعام جتوئي 2004ع ۾ پنهنجي ڀيڻ ڪنيز رقيا سان گڏجي ساڳي نموني واردات ڪري پنهنجي ڀيڻيوي امين مگسي کي گهر ۾ قتل ڪري ان جو لاش ساڳي ريلوي اسٽيشن ويجهو هڪ سنسان جاءِ ۾ اڇلائي ويا هئا جيڪو بعد ۾ هٿ ڪيو ويو.

ايس ايس پي توقير محمد نعيم ٻڌايو ته انعام جتوئي عادي ڏوهاري آهي، جنهن تي  قتل ڪيسن سميت ٻين ڏوهن ۾ جيل ڪاٽي چڪو آهي، هن تي 1998، 2002، 2004 ۽ 2009ع ۾ مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل آهن جيڪو پنهنجو نالو انعام جتوئي مان ذوالفقار جتوئي طور تبديل ڪري نجي ڪمپني ۾ سيڪيورٽي گارڊ طور ڊيوٽي ڪري رهيو هو.

ايس ايس پي ڄامشورو توقير محمد نعيم پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته پوليس جي جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته مقتول نوجوان ظفر ڪانڌڙو جي گهر واري واقعي وقت پنهنجي گهر ۾ موجود هوندي پنهنجي سامهون ظفر جو قتل ڪرايو، قتل ڪرڻ کان اڳ ۾ ظفر کي نشي آور ٽڪيون وڏي مقدار ۾ کارائي کيس بيهوش ڪيو ويو جنهن کان پوءِ کيس رسن سان ٻڌي هٿوڙي ۽ سرين سان تشدد ڪيو ويو، بعد ۾ گهر جي گئلري ۽ باٿ ۾ روم ۾ کڻي وڃي ڪهي قتل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ لاش سوزوڪي ذريعي کڻي سنڌ يونيورسٽي ريلوي اسٽيشن سامهون رات جي اونداهي ۾ اڇلايو ويو. پريس ڪانفرنس دوران ايس ايس پي ڄامشورو توقير محمد نعيم پاران ڪيس ۾ سٺي ڪارڪردگي تي ايس ايڇ او ڄامشورو اشفاق منگي، اي ايس آءِ حميد رودناڻي سميت سندس ٽيم لاءِ 20 هزار رپيا انعام جو اعلان ڪيو ويو.

مقتول ظفر ڪانڌڙو جي قتل ۾ ملوث سندس زال مهرالنساءُ کي ڄامشورو پوليس طرفان ظاهر نه ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي توقير محمد نعيم ٻڌايو ته مقتول جي زال مهرالنساءُ ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، معلوم ٿيو آهي ته مهرالنساءِ مگسي ڪيس جي جاچ ۾ گرفتار ڪيو ويو هو پر مقتول جو معصوم پٽ علي رضا جيل ۾ ماءُ سان گڏ هجڻ ڪري بيمار ٿي پيو هو جنهن کي شخصي ضمانت تي ڇڏيو ويو آهي. گرفتار ڪيل سمورن جوابدارن کي ڄامشورو پوليس طرفان ظفر ڪانڌڙو جي قتل ڪيس ۾ ظاهر ڪرڻ کانپوءِ مقامي عدالت ۾ پيش ڪري وڌيڪ جاچ لاءِ 5 ڏينهن جو رمانڊ ورتو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڄامشورو اشفاق احمد منگي ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن کان جاچ شروع آهي، ان سلسلي ۾ گرفتار جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪري 5 ڏينهن جو رمانڊ ورتو آهي، ڪيس ۾ باقي سهولتڪار جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو.

ڄامشورو ٿاڻي تي ايس ايس پي ڄامشورو جي پريس ڪانفرنس دوران مقتول نوجوان ظفر ڪانڌڙو جو والد منظور ڪانڌڙو، ڀاءُ ۽ ڪيس جو فريادي رجب علي ڪانڌڙو سوڌو ڪيترائي عزيز، ڄامشورو جا سياسي سماجي اڳواڻ ڄامشورو ٿاڻي تي موجود هئا.

ان موقعي تي مقتول نوجوان جي والد منظور علي ڪانڌڙو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مون سان ظلم ٿيو آهي، منهنجي ڪونڌر پٽ کي قتل ڪري منهنجو گهر اجاڙيو ويو آهي، هن گهر ڪئي ته سمورن جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏئي، جوابدارن جي قبضي ۾ منهنجي پوٽي کي علي رضا کي آزاد ڪرائي مون کي ڏياريو وڃي.01