ورلڊ ڪپ: بنگلاديش پاران ٻه سئو ٽيهٺ رنسن جو هدف، افغانستان جي بيٽنگ جاري

news

لنڊن: سومر 24 جون 2019ع: ورلڊ ڪپ جي ايڪٽيهين ميچ ۾ بنگلاديش افغانستان کي ڪاميابي لاءِ 263 رنسن جو هدف ڏنو جنهن جي جواب ۾ افغانستان جي بيٽنگ جاري آهي.

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي 31 هين ميچ ۾ بنگلاديش پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 262 رنسون ٺاهيون جنهن جي جواب ۾ افغانستان طرفان گلبدين نائب ۽ رحمت شاهه اننگز جي شروعات ڪئي.

ان کان اڳ افغانستان بنگلاديش خلاف ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو آهي، بنگلاديش طرفان اننگز جي شروعات لٽن داس ۽ تميم اقبال ڪئي جڏهن ته صرف 23 رنسن جي حصيداري کانپوءِ ئي لٽن داس 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته تميم اقبال 36 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.

ون ڊائون تي ايندڙ شڪيب الحسن ففٽي مڪمل ڪئي جڏهن ته هو 51 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، سوميا سرڪار صرف 3 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو جڏهن ته محمود الله جي اننگز به 27 رنسن  تان محدود رهي. وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين مشفيق الرحيم ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ففٽي اسڪور ڪئي، هو 83 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ مصدق حسين 35 رنسون ٺاهي پويلين واپس موٽيو.

افغانستان طرفان مجيب الرحمان 3، گلبدين نائب 2 ۽ محمد نبي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. بنگلاديش ايونٽ ۾ هينئر تائين 6 ميچون کيڏيون آهن ۽ 5 پوائنٽن سان پنجين پوزيشن تي آهي.