نئون ديرو ۾ شھيد راڻي محترما بينظير ڀٽو جي ڇااٺهين سالگرهه تقريب، ڀيٽا پيش

news

نئون ديرو: سومر 24 جون 2019ع:شھيد راڻي محترما بينظير ڀٽو جي 66 هين سالگرهه تقريب سٽيزن ڪلب جي چيئرمين نثار محمد مراد جي ميزبانيءَ ۾ شھيد راڻي محترما بينظير ڀٽو سٽيزن ڪلب ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ پ پ اڳواڻ عبدالفتاح ڀٽو، نثار محمد مراد ڀٽو، اعجاز احمد لغاري، سيد ارشد راشدي ۽ ٻين شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي عظيم جدوجهد تي کيس سرخ سلام پيش ڪندي چيو ته شھيد راڻيءَ تي ڳالهائڻ لاءِ لفظ نه آھن.

اها اسان جي خوشنصيبي آھي جو اسان شھيدن جي شهر جا واسي ۽ انهن جا جانثار آھيون. بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت تي فخر آھي. هن وقت پارٽي مٿان ڏکيو وقت آھي. پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ايم پي فريال ٽالپر سياسي انتقامي ڪاروائي تحت داخل ڪيل ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار آھن جن جي آزادي لاءِ جدوجهد ۾ سڀني کي شامل ٿي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي.

هن وقت به جمهوريت کي نقصان پهچائڻ لاءِ سازشون ٿي رهيون آھن ۽ اسان سڀني کي گڏجي انهن سازشن خلاف ڀرپور تحريڪ هلائڻي پوندي. هن وقت ملڪ جو سليڪٽيڊ وزير اعظم نيب کي استعمال ڪندي مخالف ڌرين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري مخالف ڌر جي اڳواڻن کي ڀت سان لڳائڻ جي سازش ڪري رهيو آھي. احتساب فقط حزب اختلاف جو ئي ڇو پيو ڪيو وڃي. احتساب سڀني جو هڪجيترو ۽ ھڪجهڙو ٿيڻ گهرجي.

عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ وزير اعظم کي پنهنجي ڪابينا ميمبرن ۽ گهر جي ڀاتين جو احتساب ڪرڻ گهرجي. هي حڪومت عوام دشمن، آئين دشمن، غريب دشمن، جمهوريت دشمن حڪومت آھي. هنن چيو ته احتساب ۽ ڪرپشن هڪ بهانو آھي. پ پ قيادت مٿان ارڙھين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ لاءِ سازش ڪئي پئي وڃي.

هي احتساب جي ڊرامي جو تسلسل صرف پيپلز پارٽي قيادت خلاف آھي ۽ اهي سازشون هميشه پارٽي قائدين خلاف ٿينديون رهيون آھن. ايماندار وزير اعظم جي هوندي ملڪي معيشت ڇو پٺتي پوندي پئي وڃي؟ عوام جو روزگار ڇو بند آھي؟ اسان جي قائدين کي قانون جي بالادستي ڪرڻ واري ڳالھ ڪرڻ جي سزا ڏني پئي وڃي. اسان کي غريبن کان روزگار کسڻ، معيشت کي تباھ ڪرڻ واري حڪمراني نه کپي.

اسان کي ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد راڻي ۽ قائد اعظم وارو پاڪستان کپي. ايڏي طاقت هوندي عمران حڪومت صوبن کان حق کسي ڏيکاري، جمهوريت کي ختم ڪري ڏيکاري، اسيمبلي کي ختم ڪري ڏيکاري. هنن چيو ته اسان پيپلز پارٽي قيادت خلاف ٿيندڙ سازشن جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين ۽ پنهنجي پرامن احتجاجن ذريعي ڪٽ پتلي حڪومت جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏينداسين. تقريب ۾ شھيد راڻيءَ کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي خالد ميمڻ، انور ٻرڙو، سڪندر علي ڪٽپر، غلام عباس ڌوڪي، عبدااللطيف ڪرٽيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

جڏھن ته سٽيزن ڪلب جي صدر غلام اڪبر ناريجو، شاهد مٺاڻي تقريب ۾ آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪندي آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪيو. ان کان اڳ شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 66 هين سالگره جو ڪيڪ ڪاٽي هڪٻئي کارائي خوشيءَ جو اظھار ڪيو. ان موقعي تي شھيد راڻيءَ جي روح کي ثواب پهچائڻ خاطر اجتماعي دعا گهري وئي.01