آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاران برطانوي دفاعي وزارت جو دورو

news

لنڊن: سومر 24 جون 2019ع: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا برطانوي دفاعي وزارت جو دورو ڪيو.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب برطانوي دفاعي وزارت جي دوري جي موقعي تي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل نڪ ڪارٽر آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو استقبال ڪيو.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته وفدن جي سطح تي ڳالهين ۾ جيو اسٽريٽجڪ صورتحال ۽ پاڪ برطانيه فوجي تعاون تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا انٽرنيشنل اسٽريٽجڪ انسٽيٽيوٽ آف اسٽڊيز ۾ به ٿيندڙ تقريب ۾ خطاب ڪيو هو.