روشن جويو گهڻ رخي شخصيت هجڻ سان گڏ قومي تحريڪ جو خاموش سپاهي هو: ڄامشورو ۾ ورسي تقريب

news

ڄامشورو: سومر 24 جون 2019ع:سائين جي ايم سيد جي ويجهو رهندڙ قومي ڪارڪن، تعليمي ماهر، ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ روشن علي جويو جي 6 هين ورسي ملهائي وئي. سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي طرفان ملهايل ورسي تقريب ۾ علمي، ادبي، مذهبي، سياسي، سماجي، تعليمي توڙي قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن، اديبن، دانشورن شاعرن، سگهڙن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب کي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويي خطاب ڪندي چيو ته روشن جويو گهڻ رخي شخصيت هجڻ سان گڏ قومي تحريڪ جو خاموش سپاهي هو، جنهن جي ايم سيد جي فڪر ۽ تعليم کي وڌائيندي قومي تحريڪ لاءِ ڪيترائي نوجوان پيدا ڪيا، پاڻ وسيلا گهٽ هوندي به قومي تحريڪ لاءِ وسيلا پيدا ڪيا، تعليم ۽ سماجي ڪمن جي حوالي سان به ساراهه ۽ ڳڻڻ وارا ڪم ڪيا، اهو ئي سبب آهي جو اڄ به سندس ڪيترائي چاهيندڙ موجود  آهن.

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل روشن ٻرڙو خطاب ڪندي چيو ته اڄ جا اديب ۽ دانشور ذاتي مفادن جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويا آهن، سندن تخليقن ۾ سنڌ ۽ سنڌ جو عوام ناهي رهيو ۽ نه ئي انهن جي تخليقن ۾ سنڌ جي نوجوانن جي اتساهه جو ڪو مواد آهي، ان ڪري سنڌي قوم طرفان مزاحمت نه ٿيڻ ڪري لٽيرا سنڌ کي مختلف طريقن سان لٽي رهيا آهن ڪرپشن جي ڪري سنڌ، سنڌ جي وسيلن ۽ قومي ادارن کي لٽي تباهه ڪري رهيا آهن، ان ڪري سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي سجاڳ ٿيڻو پوندو.

پروفيسر فهيم نوناري ڳالهائيندي چيو ته روشن تعليم جي حوالي سان يا قومي تحريڪ جي حوالي سان جيڪو ٻج ڇٽيو، اهو لاڀائتو ثابت ٿيو آهي، سندس مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ نوجوان اڳتي اچن. الاهي بخش کوسو ۽ روشن برهماڻي برهماڻي ڳالهائيندي چيو ته سائين روشن جويو استاد جي حيثيت ۾اسان جو ساٿي رهيو هن ڪڏهن به پنهنجي ڊيوٽي ۾ خيانت نه ڪئي، هر وقت علم ونڊڻ ۽ حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ رهيو.

ورسي تقريب کي محمد صديق جويو، حافظ بخشل سهيڙو، گلشير ڪوريجو، محمد قمبراڻي، محمد يوسف جويو، محمد ايوب جوڻيجو، ربنواز ابڙو، محمد سليم راڄڙ، صداقت علي سمون، سرور برفت، محمد جمن بڙدي، قادر بخش ڀلائي ۽ ٻين خطاب ڪيو، رات جو دير تائين جاري رهندڙ ورسي تقريب ۾ سنڌ جي مشهور راڳي برڪت فقير ۽ ٻين قومي گيت پيش ڪري شريڪ ماڻهن کان ڀرپور داد حاصل ڪيو.01