ڏوڪري ۾ جمعيت علما پاڪستان پاران مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو

news

ڏوڪري: سومر 24 جون 2019ع:ڏوڪري ۾ جميعت علماء پاڪستان تعلقي ڏوڪري پاران صدر حافظ مولانا نظام الدين ڀٽي جي اڳواڻي ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي وڃڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري مهانگائي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جميعت علماء پاڪستان تعلقي ڏوڪري جي صدر حافظ مولانا نظام الدين ڀٽي، صدرالدين، غلام فريد نوحاڻي، محمد صديق مگسي ڪوڙل مڱڻهار اڪرم شيخ ۽ ٻين چيو آهي ته بجيٽ بعد ايتري مهانگائي ٿي وئي آهي جو اسان غريبن جو گذر سفر ٿيڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.

هنن چيو ته عمران توڙي سنڌ حڪومت جيڪا بجيٽ پيش ڪئي آهي اها عوام دوست نه پر عوام دشمن بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، جنهن سان عوام جو ساھ نڪري ويو آهي.

هنن اعلان ڪيو ته چوٽ چاڙهيل بجيٽ ۾ وڌايل شين جا اگهه گهٽائي عوام کي پريشاني کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.01