صحت بابت قومي اداري لاهور ۾ فرنٽ لائن ٽريننگ ڪورس شروع ڪري ڇڏيو

news

اسلام آباد: سومر 24 جون 2019ع: صحت بابت قومي اداري فيلڊ ايپيڊيمالوجي اينڊ ليبارٽري ٽريننگ پروگرام جي اهتمام هيٺ، لاهور ۾ ڇهه ماهي فرنٽ لائن ٽريننگ ڪورس شروع ڪري ڇڏيو آهي.

صحت بابت قومي اداري طرفان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ان ٽريننگ جو مقصد عام صحت جي ماهرن کي وبائي بيمارين جي  روڪٿام لاءِ انگ اکر گڏ ڪرڻ ۽ انهن جو تجزيو ڪرڻ جي تربيت ڏيڻي آهي ته جيئن هو بروقت بيمارين جي آئوٽ بريڪ کي بهتر طريقي سان ريسپانس ڪري سگهن.

ان تربيتي ڪورس ۾ پنجاب جي مختلف ضلعن مان صحت کاتي سان لاڳاپيل 24 ماڻهو شرڪت ڪ ري رهيا آهن جن کي صحت جي قومي اداري، فيلڊ ايپيڊيمالوجي اينڊ ليبارٽري ٽريننگ پروگرام ۽ پنجاب هيلٿ ڊپارٽمينٽ جا ماهر تربيت ڏيندا.

ٽريننگ ڪورس جو افتتاح صحت بابت قومي اداري جو ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر راڻا محمد صفدر ۽ ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز پنجاب ڊاڪٽر هارون جهانگير لاهور ۾ ڪيو.