سنڌ ۾ وڌيڪ گرفتارين جو امڪان آهي: صفدر عباسي

news

سجاول:سومر 24 جون 2019ع: سنڌ ۾ اربين رپين جا ڌاڙا هڻي سنڌ کي تباھ ڪيو ويو آهي پر هاڻي ملڪ ۾ احتساب جو عمل شروع ٿي چڪو آهي ۽ سنڌ جي سياست ۾ وڏي تبديلي اچڻ واري آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان پيپلزپارٽي ورڪرز جي مرڪزي صدر ۽ جي ڊي اي جي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي سجاول ضلعي جي دوري دوران نيشنل پريس ڪلب سجاول ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.

هن چيو ته پاڪستان ۾ مهانگائي جي شروعات اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جي دور کان ٿي آهي، ان ڪري صرف پ پ پ يا ن ليگ حڪومتن جو احتساب ڪرڻ بدران احتساب جو عمل شوڪت عزيز جي دور کان شروع ٿيڻ کپي.

هن چيو ته اسان جي ڊي اي جو حصو آهيون ۽ وفاق ۾ پي ٽي آءِ جا به اتحادي آهيون، ان ڪري صرف ڏھ مهينن ۾ پي ٽي آءِ حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ڪرڻ نٿا چاهيون، اميد آهي ته ٽيڪسن جي وصولي کانپوء عوام جي آمدني ۽ خرچ جو تناسب برابر ٿي ويندو.

هن چيو ته اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته وفاقي حڪومت ڪيتري حد تائين قوم کي مهانگائي سميت ٻين چئيلنجز مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ پ پ پ قيادت تي مني لاڊرنگ ۽ ڪرپشن جهڙا سنگين الزام آهن، جنهن ڪري وڌيڪ گرفتارين جو به امڪان آهي.

جڏهن ته پ پ پ کانپوءِ جي ڊي اي سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي متبادل پارٽي آهي، صفدر عباسي سان گڏ ان موقعي تي اڳوڻو ايم پي اي سردار منور علي عباسي، عبدالوحيد،صديق ميراڻي پڻ موجود هئا.01