بجلي جي بنا پنجن منٽن ۾ ڪپڙا ڌوئيندڙ مشين

news

نيويارڪ: سومر 24 جون 2019ع: ڪپڙا ڌوئڻ هڪ محنت طلب ڪم آهي جنهن ۾ چڱو وقت لڳندو آهي، ان کان علاوه ان ۾ پاڻي ۽ بجلي به خرچ ٿيندي آهي جڏهن ته هاڻ اهڙي واشنگ مشين ٺاهي وئي آهي جيڪا بنا بجلي جي اوهان جا ڪپڙا ڌوئي سگهي ٿي.

پورٽو ريڪو ۾ تيار ڪيل جينٽل واشر نالي اها مشين پورٽيبل واشنگ يونٽ آهي جيڪا صرف پنجن منٽن ۾ اوهان جا ڪپڙا ڌوئي سگهي ٿي، اها مشين بجلي جي بنا ڪم ڪدي آهي جنهن سان بجلي جي تمام گهڻي بچت ممڪن آهي.

اها مشين عام واشنگ مشين جيان ئي ڪم ڪندي آهي جڏهن ته ان مشين کي هلائڻ لاءِ هٿ سان هينڊل گهمائڻو پوندو.