آمريڪا جا وڌيڪ جاسوس جهاز ڪيرائڻ جي صلاحيت رکون ٿا: ايران

news

تهران: سومر 24 جون 2019ع: ايراني بحريا جي سربراهه دعويٰ ڪئي آهي ته وڌيڪ آمريڪي جاسوس جهاز ۽ ڊرون ڪيرائڻ جي صلاحيت  رکون ٿا ۽ آمريڪا اها ڳالهه چڱي طرح ڄاڻي به ٿو.

عالمي خابرو ادري موجب ايراني بحريا جي سربراهه ريئر ايڊمرل حسين خانزادي خبردار ڪيو ته ضرورت پوڻ تي ايران آمريڪا جا وڌيڪ جاسوس جهاز ۽ ڊرون ڪيرائيندو، ايران ٻيهر به اهڙو ردعمل ڏئي سگهي ٿو ۽ دشمن اها ڳالهه ڄاڻي ٿو.

ايران چار ڏينهن اڳ آبنائي هرمس ۾ آمريڪا جي بنا پائليٽ وارو ڊرون ڪيرايو هو جنهن جي ماليت 10 ڪروڙ ڊالر هئي، ايران جو چوڻ هو ته ڊرون ايراني سرحد ۾ داخل ٿيو هو جڏهن ته آمريڪا ايراني دعويٰ کي رد ڪندي موقف اختيار ڪيو هو ته ڊرون عالمي گذرگاهه تي اڏام ڪري رهيو هو ۽ اها ڪنهن ملڪ جي سرحد نه هئي.