ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت کان شڪست کانپوءِ خودڪشي جو سوچيو هو: مڪي آرٿر

news

لنڊن: سومر 24 جون 2019ع: هلندڙ ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت جي هٿان شڪست کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر سخت ذهني اذيت جي ور چڙهي ويو هو ۽ هن خودڪشي جهڙي انتهائي قدم تي به غور ڪيو هو.

لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس دوران مڪي آرٿر اعتراف ڪيو ته آسٽريليا هٿان شڪست کانپوءِ اسان بقاءَ جي جنگ وڙهي رهيا هئاسين پر جڏهن ڀارت کان ميچ هارائي وياسين ته مون خودڪشي ڪرڻ ٿي چاهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سان کيڏڻ ۽ ڪم ڪرڻ ايتري قدر ڏکيو ڪم آهي جو ماهوار لکين روپيا وٺندڙ پرڏيهي ڪوچز به ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي تنقيد کان ڊڄي ويا.

مڪي آرٿر ڀارت خلاف شڪست کانپوءِ سخت پريشان هو ۽ پنهنجي هم وطن اڳوڻي پاڪستاني ڪوچ باب وولمر جيان ورلڊ ڪپ جي خراب ڪارڪردگي کانپوءِ ڏکيائي ۾ هو. پرڏيهي ڪوچز شايد پاڪستاني ڪلچر کي آسان تصور نه ٿا ڪن، ڪوچز جي پريشاني جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته 2007ع ۾ ڏکڻ آفريڪا سان تعلق رکندڙ هيڊ ڪوچ باب وولمر پنهنجي ڪمري ۾ پراسرار طور تي مردا مليو هو.

اهڙي طرح هاڻوڪي ڪوچ مڪي آرٿر به آسٽريليا ۽ ڀارت کان شڪست کانپوءِ خودڪشي جو سوچڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مڪي آرٿر تسليم ڪيو ته ماڻهن جي اميدن ۽ ميڊيا جي اسڪروٽني کي منهن ڏيڻ آسان ڪم ناهي هوندو.