ڪرپشن ڪيس ۾ شرجيل ميمڻ جي ضمانت منظور: نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو حڪم

news

ڪراچي: (اڱارو 25 جون 2019ع) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي اڳوڻي سُڌ سماءُ واري وزيرشرجيل انعام ميمڻ جي پوڻا 6 ارب روپين جي ڪرپشن ريفرنس ۾ ضمانت منظور ڪندي سندس نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ(اي سي ايل) ۾ وجهڻ جو حڪم ڏنو آهي.

شرجيل ميمڻ ڪرپشن جي نيب ريفرنس ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي هئي جنهن تي اڄ عدالت محفوط ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت شرجيل ميمڻ کي 50 لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو به حڪم ڏنو.

ياد رهي ته اشتهارن جي مد ۾ قومي ناڻي کي اندازن پوڻا 6 ارب روپين جي نقصان پهچائڻ جي ريفرنس ۾ ٻيا 13 جوابدار جيل ۾ آهن.

ياد رهي ته ان کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ 2 ڀيرا شرجيل انعام ميمڻ جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي هئي.