وائٽ هائوس (ذهني معذور) آهي: نئين پابندين کي رد ڪريون ٿا: ايراني صدر

news

تهران: (اڱارو 25 جون 2019ع) ايران جي صدر حسن روحاني آمريڪا جي طرفان ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنائي تي نئين پابندين کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب حسن روحاني  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اتنظاميه(وائٽ هائوس) کي هڪ دفعو ٻيهر ذهني طور تي بيمار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ايراني صدر سرڪاري ٽي وي تي خطاب ڪندي چيو ته سپريم ليڊر آيت الله خامنائي تي پابنديون ناڪام وينديون. ڇو ته  هن جا پرڏيهه ۾ ڪي به اثاثا ناهن. هن چيو ته وائٽ هائوس جي قدمن سان ظاهر ٿي رهيو آهي ته هو ذهني طور تي معذوري جو شڪار آهي ۽ تهران کان ڊڄي رهيو آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڊونلڊ ٽرمپ ايراني سپريم ليدر آيت الله خامنائي ۽ فوجي ڪمانڊرن تي مالي پابندين  بابت حڪم نامي تي صحيحون ڪيون هيون. ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته ايران جي سپريم ليڊر جارحيت جو ذميوار آهي. هن چيو هو ته آمريڪا ايران سان جنگ نٿو چاهي پر جوهري هٿيارن جي تياري ۽ دهشتگرد گروپن جي حمايت کان روڪڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهندو رهندو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ايران جي پاسداران انقلاب ڏاکڻي ساحلي پٽي تي آمريڪي جاسوس ڊرون ڪيرايو هو. پاسداران انقلاب جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪوهه مبارڪ نالي حصي ۾ ايراني فضائيه آمريڪي گلوبل باڪ ڊرون کي ملڪ جي فضائي حدن جي خلاف ورزي تي نشانو بڻايو هو.

ٻئي طرف آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ(سينٽ ڪام) تصديق ڪئي هئي ته ايراني فورس جي نگراني تي  مقرر آمريڪي نيوي جي ڊرون آر ڪيو 4 گلوبل باڪ ڪيرايو آهي. جڏهن ته هنن چيو ته ڊرون کي عالمي فضائي حدن ۾ هروڀرون  نشانو بڻايو ويو. آمريڪا طرفان ايران سان گڏ جوهري معاهدي تي سخت ڇڪتاڻ کان پوءِ تهران کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي لاءِ خليج فارس ۾ بي 52 بمبار سميت ڪيترائي جهاز ۽ جنگي ٻيڙا لاهڻ کان پوءِ اسائٽ شپ ۽ پيٽرائپ ميزائل، دفاعي نظام مقرر ڪري ڇڏيا هئا. گذريل هڪ مهيني اندر آمريڪا وچ اوڀر ۾ مرحليوار اڍائي هزار فوجين جي مقرري جو اعلان ڪري چڪو آهي.