دنيا جا ترقي پذير ملڪ زراعت جي بهتري لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري رهيا آهن: مجيب صحرائي

news

ٽنڊوڄام: اڱارو 25 جون 2019ع:سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پاڪستان سوسائٽي آف شگر ٽيڪنالاجي جي سهڪار سان ۾ ڪمند جي فصل ۾ پاڻي ۽ هٿرادو ڀاڻ جي صحيح استعمال بابت هڪ روزه تربيتي ورڪشاپ منقعد ڪيو ويو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي چيو ته دنيا جا ترقي پذير ملڪ زراعت جي بهتري لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري رهيا آهن، اسان جي آبادگارن کي پڻ پاڻي جو صحيح استعمال، ڀاڻ جي مقدار ۽ ان سان گڏوگڏ فصل جي سٺي نسل جي ٻج جي چڪاس ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ پوندو.

هن چيو ته ڪمند جي فصل جي واڌاري ۽ شگر انڊسٽريز کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ حڪومت آبادگارن کي مناسب اگھ ڏياري جنهن سان آبادگارن ۾ ڪمند جي پوکائي لاءِ دلچسپي پيدا ٿيندي ان سان گڏوگڏ يونيورسٽين، شگرملز، تحقيقدان ۽ آبادگارن ۾ بهتر ڳانڍاپو قائم ڪرڻو پوندو، جنهن سان فصل بابت درپيش مسئلن جو حل ڪڍي سگهجي ٿو.

ان موقعي تي پاڪستان سوسائٽي آف شگر ٽيڪنالاجي جي صدر دوست محمد بلوچ خطاب ڪندي چيو ته ملڪ اندر شگر ملز زرعي صنعت کي هٿي ڏياري بيٺل آهن، جڏهن ته شگر ٽيڪنالاجي جي واڌاري لاءِ ڪمند جي فصل جو اضافو انتهائي ضروري آهي.

هن چيو ته پاڪستان سوسائٽي آف شگر ٽيڪنالاجي شگر ملز جي عملدارن، ڪمند جي آبادگارن، زرعي ماهرن ۽ زراعت جي شاگردن لاءِ هر سال چار تربيتي ورڪشاپ منقعد ڪيا ويندا آهن. جنهن مان ٻه شگر ٽيڪنالاجي ۽ ٻه زراعت تي مشتمل هجن ٿا، اهڙن تربيتي ورڪشاپ سان ڪمند جي پوکائي ان ۾ درپيش ايندڙ مسئلن ۽ کنڊ جي تياري لاءِ ٽيڪنالاجي جي استعمال جي طريقن بابت ڄاڻ مهيا ڪئي ويندي آهي.

وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي جي ڪوششن سان هي تربيتي ورڪشاپ پهريون ڀيرو زرعي يونيورسٽي ۾ منعقد ڪئي ويو آهي، جيڪو انتهائي لاڀائتو ثابت ٿيندو. ان موقعي تي زرعي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، شگر ٽيڪنالاجي سوسائٽي جي جنرل سيڪريٽري ثناءَ الله، نائب صدر عارف حسين، نيا ٽنڊوڄام جي ڊپٽي سائنٽسٽ ڊاڪٽر امتياز ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، هڪ روزه تربيتي ورڪشاپ جي موقعي تي ٽيڪنيڪل سيشن پڻ منقعد ڪيو ويو. جنهن ۾ زراعت جي ماهرن، آبادگارن، شگرملز عملدارن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.01