سکر ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان ۽ ناري جو احتجاج، تحفظ جي گهر

news

سکر: اڱارو 25 جون 2019ع:سکر ۾ نوشهروفيروز جي صنم ۽ سعيد پيار پرڻي بعد پريس ڪلب پهچي تحفظ جي گھر ڪئي آهي.

نوشهروفيروز جي پيار پکيئڙن سعيد سولنگي ۽ صنم سولنگي گهران نڪري سکر ۾ جسٽس آف پيس اڳيان پسند جي شادي ڪري ڇڏي آهي،

جنهن بعد جوڙي سکر پريس ڪلب پهچي ٻڌايو ته هنن پنهنجي مرضيءَ سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي.

اهڙي پرڻي بعد سندن مائٽ رستم سولنگي، دين محمد سولنگي، وحيد ۽ ٻيا جان جا دشمن بڻجي ويا آهن. هنن تحفظ ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.01