ميون ۽ ڀاڄين جون کلون ڪيترين ئي بيمارين کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ فائديمند

news

حيدرآباد: اڱارو 25 جون 2019ع: ميون ۽ ڀاڄين جون کلون ڪيترين ئي بيمارين کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ فائديمند آهن، انهن کي لاهڻ جو مطلب صفائي ورتو ويندو آهي جڏهن ته هر ڀاڄي ۽ ميوي سان ايئن ناهي هوندو، ڪجهه کلن ۾ ڀرپور فائبر هوندي آهي ۽ صرف ايترو ئي نه پر اينٽي اوڪسي ڊنٽس، وٽامن ۽ معدنيات به ان ۾ ڀرپور هوندا آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ميوي کان 33 سيڪڙو وڌيڪ فائبر کل ۾ هوندو آحي ۽ اينٽي اوڪسي ڊنٽس 328 ڀيرا وڌيڪ ٿي سگهن ٿا، مختلف ميون ۽ ڀاڄين ۾ اها مقدار مختلف ٿي سگهي ٿي پر ان ڳالهه تي سڀ متفق آهن ته کل جي افاديت پنهنجي جاءِ تي آهي.

ميون ۾ آلو بخار، زردالو ۽ آڙو جي کلن ۾ فائبر 38 سيڪڙو هوندو آهي، اهڙي طرح اڪثر ماڻهو صوف جي کل لاهي کائيندا آهن جڏهن ته صوف جي کلهه فائبر، وٽامن اي ۽ وٽامن سي سان ڀرپور هوندي آهي.

کاڌي جا ماهر کيري کي به کل سميت کائڻ جو مشورو ڏيندا آهن، ايستائين جو موسمي جي کل کاڌي ناهي ويندي پر ان جو استعمال به ۾ ڪري سگهجي ٿو، ان جي کلن کي سڪائڻ کانپوءِ ان جو استعمال مختلف طريقن سان ڪري سگهجي ٿو.

ماهرن موجب نارنگي ۾ اڻ ڳڻيا جزا هوندا آهن جن ۾ ڪاربوهائيڊريٽ، فائبر، پروٽين، وٽامن اي، ٿائمين، وٽامن سي، فوليٽ، فليونوئيڊز، فاسفورس، ٽامو ۽ پوٽاشيم جهڙي معدنيات به موجود هوندي آهي، اڻ ڳڻين سروي ۽ مطالعن سان نارنگين جا اهي فائدا سامهون آيا آهن.

نارنگي ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽس خلين ۽ ڊي اين اي کي ڀڃ ڊاهه کان محفوظ رکندا آهن جيڪي ڪينسر جو سبب بڻجندا آهن، ڪيترن ئي مطالعن ۾ نارنگي کي آنڊن جي ڪينسر ۾ به فائديمند ڏٺو ويو آهي.