فلسطين وچ اوڀر لاءِ آمريڪي معاشي منصوبو رد ڪري ڇڏيو

news

قاهرا: اڱارو 25 جون 2019ع: فلسطين وچ اوڀر جي لاءِ پنجاهه ارب ڊالر جو آمريڪي معاشي منصوبو رد ڪري ڇڏيو، فلسطين جي ناڻي واري وزير چيو ته کين آزادي گهرجي، اربين ڊالرن جون ڳالهيون نه، هن جو وڌيڪ چوڻ هوته آمريڪا سان ڪم جو خراب تجربو آهي.

قاهرا ۾ عرب ليگ اسٽيٽ ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي فلسطين جي ناڻي واري وزير شُڪري بشارا وچ اوڀر جي لاءِ آمريڪي امن جي منصوبي جي اقتصادي حصي کي غير حقيقي قرار ڏنو.

هن چيو ته سڀ کان پهريان زمين ۽ آزادي واپس ڪئي وڃي، فلسطيني اٿارٽي 25 جون کان ٿيندڙ بحرين ڪانفرنس جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي.

ڪانفرنس ۾ آمريڪي تجويز تي غور ڪيو ويندو، جيڪو ٽرمپ جو ناٺي جيراڊ ڪشنر پيش ڪندو، فلسطيني وزير چيو ته اوسلو اڪارڊ کانپوءِ آمريڪا سان ڪم جو خراب تجربو ٿيو آهي.