عرب اتحادي فوج جي يمن ۾ داعش جي امير ابو اسامه المهاجر کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

news

رياض: اڱارو 25 جون 2019: عرب اتحادي فوج يمن ۾ داعش جي امير ابو اسامه المهاجر کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. اتحادي فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آپريشن ۾ يمني فوج به مدد ڪئي آهي.

سعودي عرب جي ڪرنل ۽ عرب اتحادي فوج جي ترجمان ترڪي المالڪي رياض ۾ جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته يمن ۾ داعش جي امير ابو اسامه المهاجر کي يمني فوج جي تعاون سان هڪ خصوصي آپريشن جي ذريعي گرفتار ڪيو ويو آهي.

المالڪي چيو ته يمن ۾ داعش جي تخريبي ڪارروائي ۾ ملوث آهي. ويڙهاڪ گروپن جي خلاف ڪارروائي جاري آهي.