انٽر بئنڪ ۾ ڊالر پاڪستاني روپئي جي مقابلي ۾ هڪ سئو سٺ روپين جو ٿي ويو

news

ڪراچي: (اربع 26 جون 2019ع) (رپورٽ:صنم گل انڙ) آمريڪي ڊالر پاڪستاني روپئي جي مقابلي ۾ 3 روپيه 2 پئسا وڌيڪ مهانگو ٿي تاريخ جي  بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.

انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 160 روپيه ٿي وئي آهي. روپئي جي قدر ۾ مسلسل گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي ۽ ڊالر تيزي سان ڊبل سينچري طرف وڌي رهيو آهي.  ذريعن جو چوڻ آهي ته روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جو سبب مختلف ادائيگيون آهن پيٽروليم کان علاوه ٻين شين جي ادائگين سبب روپئي تي دٻاءُ پيو آهي.

ڪرنسي مارڪيٽ جي ذريعن صحافين کي ٻڌايو ته آءِ ايم ايف سان پاڪستان جي معاهدن جي خبرن کان پوءِ روپئي تي دٻاءُ سبب ڊالر مهانگو ٿي ويو آهي. ذريعن موجب پاڪستان جي آءِ ايم ايف سان معاهدي کان پوءِ روپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قيمت ۾ اضافي جون خبرون هلي رهيون آهن.

ياد رهي ته هينئر تائين قومي اسيمبلي مالي سال 2019-2020 جو بجيٽ اڃان تائين منظور ناهي ڪيو ۽ ايوان ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ کان هينئر تائين ڊالر جو مُلهه 5 روپيه وڌي ويو آهي.

پي ٽي آءِ جي حڪومت جي اچڻ کان پوءِ هينئر تائين ڊالر جي قيمت ۾ 26 روپين جو اضافو ٿي چڪو آهي. سيپٽمبر 2018 ۾ ڊالر 134 روپين تي هو  جيڪو 9 مهينن ۾ وڌي 160 روپين  تائين پهچي ويو آهي.