مبارڪپور_آباد لنڪ روڊ زبون حال بڻيل، علائقن واسين کي مشڪلاتون درپيش

news

مبارڪپور: اربع 26 جون 2019ع:مبارڪپور کان آباد لنڪ روڊ مڪمل طور تباهه، پلون ٽٽي پيون، علائقي واسي پريشان، انتظاميا لاپرواهه بڻيل، ڳوٺاڻن جو احتجاج.

تفصيل موجب مبارڪپور کان آباد ويندڙ روڊ کنڊر بڻجي ويو، ڪيترن ئي ڳوٺن کي ملائندڙ مبارڪپور_آباد لنڪ روڊ 2010 کان وٺي تباهه حال بڻيل آهي، جيڪو ڪاغذي ڪارروائي ۾ ڪيترائي ڀيرا ٺهي وري ڊهي ويو آهي.

جڏهن ته روڊ سان گڏو گڏ پليون پڻ مڪمل طور تي ختم ٿي ويون آهن، جنهن سبب ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت پلو ٺاهي ٽريفڪ کي بحال ڪيو آهي.

ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن مير محمد مهر، شيراز، نظير، امام بخش ۽ ٻين چيو ته مبارڪپور_آباد لنڪ روڊ جو جلد ڪم ڪرائي اسان کي عذاب مان ڪڍيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.01