آئنده چوويهه ڪلاڪن دوران ملڪ جي گهڻن علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندو

news

ڪراچي: اربع 26 جون 2019: آئنده 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي گهڻن علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ، جڏهن ته پنجاب جي ميداني علائقن ۽ سنڌ ۾ شديد گرمي رهندي.

موسميات کاتي موجب راولپنڊي، فيصل آباد، ساهيوال، سرگوڌا، ملتان، بهاولپور، ڊي جي خان، هزاره، ڪوهاٽ، بنون، ڊي آءِ خان، زوب، ميرپورخاص ڊويزن، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي ڪجهه جڳهن تي تيز، مٽيءَ سان هوا ۽ کنوڻ سان برسات جا امڪان آهن.

جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ گرمي سبي ۽ جيڪب آباد ۾ پئي، جتي پارو 46 ڊگري تائين پهچي ويو. سکر، ڊي جي خان، لاڙڪاڻو، روهڙي، دادو ۾ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.