سکر ۾ بس ٽرمينل جي رهواسين جو لاشاري برادري ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

news

سکر:اربع 26 جون 2019ع: سکر ۾ بس ٽرمينل واسي کوسن ۽ چنن لاشارين جي زيادتين ۽ آباد پوليس خلاف احتجاج ڪيو. آباد ٿاڻي جي حد بس ٽرمينل جي رهواسي  کوسا ۽ چنا برادري جي ماڻهن لاشاري برادري جي زيادتين ۽ آباد پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ظفر کوسو، سومر کوسو، الهه ورايو چنا، سراج کوسو، فضل کوسو ، نديم کوسو ۽ بين  ٻڌايو ته شڪارپور جي رهواسي لاشاري برادري جي بااثرن غلام ياسين، محمد علي، عبدالوهاب ۽ ٻين  مين بس ٽرمينل ڀرسان پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش دوران هوائي فائرنگ ڪري سندن 4 ماڻهو زخمي ڪري ڇڏيا هئا، جنهن جو اطلاع آباد ٿاڻي تي ڏيڻ باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري.

پوليس جوابدارن کان رشوت وٺي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته بااثر جوابدارن ۽ آباد پوليس خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.01