سکر ۾ شهرين پاران بجلي فراهمي معطل هجڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

سکر: اربع 26 جون 2019ع:سکر ۾ آغا بدرالدين ڪالوني واسين ٻارين ٻچين هٿن ۾ وجھڻا کڻي هڪ هفتي کان بجليءَ جي فراهمي معطل هجڻ ڪري لاڳاپيل سب ڊويزن جي عملي خلاف احتجاج ڪيو.

آغا بدرالدين ڪالوني جي رهواسين ٻارين ٻچين هٿن ۾ وجھڻا کڻي هڪ هفتي کان بجلي جي بندش ۽ لاڳاپيل سب ڊويزن جي عملي خلاف احتجاج ڪيو. محمد يوسف، غلام علي، گڊو، نور بيبي، انور حسن، عمرالدين ۽ ٻين ٻڌايو ته بجلي جي تارن تبديل ڪرڻ لاءِ بجلي بند ڪئي هئي پر 6 ڏينهن کان عملو ڪم اڌ ۾ ڇڏي گم ٿي ويو آهي.

شڪايتن تي عملي جو چوڻ آهي ته ٽرانسفارمر خراب آهي ڪالوني واسي چندو ڪري ان کي ٺهرائڻ لاءِ پئسا ڏين.  هنن ٻڌايو ته بجلي نه هجڻ سبب ڪالوني ۾ پيئڻ جي پاڻي جو پڻ بحران پيدا تي پيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سندن بجلي فوري طور بحال ڪئي وڃي.01