ٽنڊوڄام ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن پاران مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال

news

ٽنڊوڄام: اربع 26 جون 2019ع:ميونسپل ڪاميٽي ٽنڊوڄام جي ملازمن پاران مسئلن جي حل لاءِ آفيسن جي تالابندي ڪري ڪم ڇڏ هڙتال، احتجاج. خبر موجب ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام جي ملازمن مسئلن جي حل لاءِ آفيسن جي تالابندي ڪري ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي ۽ سي بي اي يونين اڳواڻن غلام شبير چانڊيو، رائو فيصل راجپوت، الهه جڙيو لنڊ، سجاد لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري مسئلن جي حل لاءِ سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻن سالن کان وٺي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ۽ سي ايم او سميت ڪوبه عملدار آفيس نٿو ويهي. جنهن سبب آفيس جو ڪارونهوار ٺپ ٿي ويو آهي. هنن چيو ته روزانو سوين شهري مسئلن جي حل لاءِ ميونسپل آفيس جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهن. پر ڪو سندن مسئلا ٻڌڻ لاءِ به تيار نه آهي.

هنن چيو ته انتظاميه جي بيحسي سبب ملازم روزانو ڪنهن نه ڪنهن مڇريل شهري جي تشدد جو نشانو بنجن ٿا. پر ڪوبه ملازمن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ملازمن چيو ته مسئلن جي حل تائين آفيس جي تالابندي جاري رهندي ۽ جيڪڏهن ملازمن جي مالڪي نه ڪئي وئي ۽ کين درپيش مسئلا حل نه ڪيا ويا ته مين سيوريج ڊسپوزل کي بند ڪري ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويندو.01