ٽنڊوڄام ميونسپل انتظاميا جي نااهلي سبب حيدرآباد_ميرپورخاص روڊ تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳو، رهواسي پريشان

news

ٽنڊوڄام:اربع 26 جون 2019ع: ميونسپل انتظاميا ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي انتظامي نااهلي سبب ٽنڊوڄام جي ڪني پاڻي جي نيڪال جو نظام هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪارا بڻجي ويو آهي. جنهن سبب شهر جي لياقت ٽائون، ڄام بنگلوز، محبوب ٽائون، ڄام گهر ڪالوني ۽ ٻين علائقن جو ڪنو پاڻي گذريل ٽن ڏينهن کان نيڪال ٿيڻ بدران مسلسل حيدرآباد_ميرپورخاص مين روڊ تي گڏ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي.

نيڪال جو ڪنو پاڻي بيهڻ سبب مين روڊ تلاءُ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. ڪنو پاڻي بيهڻ سبب لياقت ٽائون، ڄام بنگلوز، ڄام گهر ڪالوني ۽ محبوب ٽائون جي رهواسين ۽ مين روڊ جي دڪاندارن ڪني پاڻي کان بچاءَ لاءِ مٽيءَ جا بند ٻڌي ڇڏيا آهن. هٿرادو ٻڌل بند ٽٽڻ جي صورت ۾ ڪيترائي رهائشي علائقا ٻڏڻ ۽ پاڻي گهرن ۽ دڪانن ۾ ڪاهي پوڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. مکيه روڊ ڪني پاڻي ۾ ٻڏي وڃڻ سبب علائقي واسي گهرن ۾ محصور ٿي ويا آهن، عام زندگي مفلوج بڻجي ويئي آهي ۽ دڪاندارن جو ڪاروبار پڻ ٺپ بڻجي ويو آهي.

علائقي واسين پاران انتظاميا کي مسلسل شڪايتون ۽ احتجاج ڪرڻ باوجود به انتظاميا بيحس بڻيل آهي. 3 ڏينهن گذرڻ باوجود به انتظاميا جي ڪنهن به عملدار ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي. ان باري ۾ بشير ڀٽو، سرفراز شاهاڻي، عبدالعليم کوکر، گلزار سرگاڻي، محمد حسين لاکو ۽ ٻين شهرين ميڊيا آڏو سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته گذريل چئن مهينن کان هر ٻن ٽن هفتن بعد گٽرن جو ڪنو پاڻي روڊن ۽ رستن تي اچي ويندو آهي. جنهن سان رهواسي سخت ڏچي ۾ اچي وڃون ٿا ۽ مٽي جا وڏا بند ٻڌي ڪني پاڻي کان پاڻ بچايون ٿا ۽ ٻڌل بند ٽٽڻ جي ڊپ سبب راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهيون. 

هنن چيو ته دانهون ڪرڻ ۽ احتجاج ڪرڻ باوجود به مقامي انتظاميا توڙي پبلڪ هيلٿ کاتو هن سنگين مسئلي کان لاتعلق بنيل آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، وزير بلديات ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته معاملي جو فوري طور تي نوٽيس وٺي، ڪنو پاڻي نيڪال ڪري مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

ٻئي طرف ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام جي چيئرمين مير خان محمد ٽالپور ڪنو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي حوالي سان رابطو ڪرڻ تي چيو ته ڪنو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب شهرين کي درپيش ڏکيائين جو احساس آهي. شهر جي ڄاڻايل علائقن جي ڪني پاڻي جي نيڪال جو مسئلو ٻن هفتن اندر مستقل طور تي حل ٿي ويندو.

تيستائين ڪنو پاڻي عارضي بنيادن تي هڪ سرڪاري اداري جي زمينن ۾ انهن جي رضامندي سان نيڪال ڪيو پئي ويو. پر ڪجهه شرارتي ماڻهن ڊرينيج جي نظام ۾ رڪاوٽون وجهي ٻيهر مسئلو پيدا ڪيو آهي. جنهن کي جلد حل ڪري وٺنداسين. هن چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي پاران کيسانه موري ويجهو ڪني پاڻي جي تلائن جي مرمت ۽ توسيع جو ڪم تيزي سان جاري آهي. جنهن بعد هي مسئلو مستقل بنيادن تي حل ٿي ويندو. 01