لاڙڪاڻو جي عدالت ۾ ساحل ڪوريجو ڪيس جي ٻڌڻي، ايس ايس پي کي پنج آگسٽ تائين بازياب ڪرائڻ جو حڪم

news

نئون ديرو: اربع 26 جون 2019ع:نئون ديرو شهر جي شاهنواز ڪالونيءَ مان 5 نومبر 2015ع جي ڏينهن گهر آڏو راند ڪندي اغوا ٿي ويل معصوم نينگر ساحل ڪوريجو کي 44 مهينا گذري ويا پر هن وقت تائين پوليس کيس بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي آهي. ساحل ڪوريجو جي بازيابي پوليس توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ هڪ سواليه نشان بڻجي وئي آهي جنهن ڪري ساحل ڪوريجو جي وارثن ۾ مايوسي گهر ڪري وئي آهي.

ساحل جي امڙ مائي سبحان ڪوريجو ۽ والد ظهور ڪوريجو پوليس جي ڪارڪردگيءَ مان مڪمل طور تي مايوس بڻجي ويا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ ساحل ڪوريجو جي بازيابيءَ بابت جسٽس خادم حسين اين شيخ ۽ جسٽس محمد فيصل ڪمال عالم تي مشتمل ڊويزن بينچ آڏو ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻيءَ جي موقعي تي ساحل جو والد ظهور ڪوريجو، امڙ سبحان ڪوريجو ۽ ڏاڏو عبدالغني ڪوريجو عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته پوليس پاران ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش، پي ڊي ايس پي بشير ابڙو، ڊي ايس پي نئون ديرو محمد يوسف بروهي، ايس ايڇ او نئون ديرو فدا حسين لانگاهه ۽ ٻيا پيش ٿيا. ٻڌڻيءَ دوران عدالت ايس ايس پي لاڙڪاڻو معسود بنگش کان پڇاڻو ڪيو ته ساحل جي بازيابيءَ لاءِ هن وقت تائين اوهان ڇا ڪيو آهي نينگر جي اغوا کي 44 مهينا گذري ويا آهن توهان جون جوڙيل جي آءِ ٽيز مڪمل طور ناڪام ثابت ٿيون آهن، اوهان ڇا ڪري رهيا آهيو؟ جنهن تي ايس پي لاڙڪاڻو عدالت کي چيو ته اسان ساحل جي بازيابيءَ لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺي رهيا آهيون پر هن وقت تائين سندس بازيابي عمل ۾ ناهي اچي سگهي.

اسان کي هڪ مهيني جي وڌيڪ مهلت ڏني وڃي ته جيئن اسان ڪيس جي جاچ کي اڳتي وڌائي سگهون جنهن تي عدالت ساحل جي بازيابيءَ ۾ پوليس جي ڪارڪردگيءَ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا جيڪڏهن ساحل جي جاءِ تي توهان جا ۽ اسان جا ٻچا اغوا ٿيل هجن ها تڏهن به توهان ايئن سست رفتاريءَ سان جاچ ۽ ڳولا ڪريو ها؟ اوهان جو جوڙيل جي آءِ ٽيز ناڪام آهن جن ۾ مٿين سطح جا آفيسرن کي جاچ ڪاميٽي ۾ شامل ڪري جاچ جو دائرو وڌايو وڃي.

توهان به اولاد وارا آهيو توهان هڪ مهينو گهرو ٿا عدالت اوهان کي 5 آگسٽ تائين مهلت ڏئي ٿي اوهان ذاتي ڪوششون وٺي ساحل جي بازيابيءَ کي يقيني بڻايو. عدالت ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي ايندڙ ٻڌڻيءَ 5 آگسٽ تائين ساحل کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڪيو.01