روپئي جي ملهه ۾ لاڳيتو لاٿ، ڊالر هڪ سئو چوهٺ روپيه پنجاهه پئسن جو ٿي ويو

news

ڪراچي: (خميس 27 جون 2019ع) ملڪ ۾ رپئي جي ملهه ۾ مسلسل لاٿ جو سلسلو جاري آهي ۽ ڊالر جو اگهه هڪ دفعو ٻيهر وڌي ويو آهي.

انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 2 روپيه 34 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي جنهن کانپوءِ ڊالر 164 رپيه 50 پئسن تي ٽريڊ ٿي رهيو آهي. گذريل ڏينهن ڊالر جي ملهه ۾ تقريبن پنج رپيه اضافو ٿيو ۽ اڄ وڌيڪ ٻه رپيه قيمت وڌي وئي آهي.

ٻئي طرف اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ معمولي بهتري جو رجحان پيدا ٿي ويو آهي ۽ 100 انڊيڪس ۾ 65 پوانٽس جو اضافو ٿي ويو آهي جنهن کانپوءِ انڊيڪس 34 هزار 153 پوائنٽس تي پهچي وئي آهي.