ملير ۾ ڊاڪٽرياڻي جي لاپرواهي: غلط انجيڪشن لڳڻ سبب عورت فوت، وارثن پاران اسپتال ٻاهران ڌرڻو

news

ملير: (رپورٽ: درياخان شر) ملير جي علائقي گلشن حديد  ۾ غلط انجيڪشن لڳڻ سبب عورت فوت (تفصيل موجب) گلشن حديد فيز ٽو ۾ قائم خانگي اسپتال عائشه جنرل اسپتال ۾ غلط انجيڪشن لڳڻ سبب عورت فوت ٿي وئي.

وارثن پاران ڊاڪٽرياڻي تي لاپرواهي جو الزام مڙهيندي فوتي عورت جو لاش رکي اسپتال ٻاهران ڌرڻو هنيو.

عبدالغني حمايتي جي زال 60 ورهين جي آچرا بيبي کي بخار ۽ پيٽ ۾  تڪليف سبب شام جي وقت خانگي اسپتال آندو ويو ۽ رات جي وقت عورت دم ڏنو. وارثن عبدالغني، ابراھيم حماتي ۽ ٻين فوتي عورت جو لاش ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي مظاهرين الزام هنيو ته ڊاڪٽرياڻي غلط انجيڪشن لڳائي جنهن سبب عورت فوت ٿي وئي. هنن چيو ته اسپتال جي انتظاميه ڊاڪٽرياڻي کي فرار ڪرائي ڇڏيو آھي. غلط انجيڪشن سبب عورت دم ڏنو.

پوليس جو چوڻ ھو ته رپورٽ داخل ڪئي آهي ۽ جلد ڊاڪٽرياڻي کي گرفتار ڪنداسين.خانگي اسپتال عائشه جنرل اسپتال موقف ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.