انڊونيشيا ۾ والدين پنهنجي ٻار جو نالو گوگل رکي ڇڏيو

news

انڊونيشيا: خميس 27 جون 2019ع: انڊونيشيا ۾ والدين پنهنجي ٻار جو اهڙو نالو رکيو جو ان کي دنيا جي سڀ کان عجيب نالي جو اعزاز ملي ويو. انڊونيشيا جي مقامي ميڊيا موجب ڏکڻ اوڀر صوبي ۾ رهندڙ هڪ فيملي پنهنجي نئين ڄاول ٻار جو نالو گوگل رکندي ان کي قانوني طور تي رجسٽرڊ به ڪرائي ورتو آهي.

فيملي طرفان ٻار جي نالي سانو الد جو نالو ناهي لڳايو ويو، ان جو نالو صرف گوگل رجسٽرڊ ڪرايو ويو آهي. 8 مهينن جي گوگل جي والد اينڊي سپوترا انڊونيشين ميڊيا کي ٻڌايو ته هن ٻار جي نالي جي حوالي سان ڪيترن ئي نالن تي غور ڪيو ۽ ان نتيجي تي پهتا ته ٻار جو نالو ٽيڪنالاجي ڪمپني تي هجڻ گهرجي.

اينڊي سپوترا موجب انهن ٻار جو نالو ونڊوز، آءِ او ايس، مائيڪروسافٽ، آءِ فون ۽ ٻيا رکڻ تي غور ڪيو ۽ آخرڪار ٻار جو نالو گوگل رکي ڇڏيو.گوگل جي 27 ورهين جي والدا ايلا ڪرينا جو چوڻ هو ته کيس شروع ۾ پنهنجي ٻار جو نالو پسند نه آيو پر هاڻ هوءَ ان نالي سان خوش آحي جيڪو دنيا جي سڀ کان مقبول سرچ انجڻ جو به نالو آهي.