اسلام آباد ۾ ٿيل قومي پينٽنگ نمائش ۾ سنڌ يونيورسٽي ٻئين پوزيشن ماڻي ورتي

news

ڄامشورو: جمعو 28 جون 2019ع:سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين اسلام آباد ۾ ٿيل قومي پينٽنگ نمائش ۾ ٻئين پوزيشن حاصل ڪري ورتي.

انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر سعيد احمد منگي موجب سنڌ يونيورسٽي جي آرٽ اينڊ ڊزائين انسٽيٽيوٽ اسلام آباد ۾ ٿيل قومي پينٽنگ نمائش ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ مجموعي طور ملڪ جي 20 يونيورسٽين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين جي شاگرد حسن چنا کي سندس پينٽنگ تي ٻئين پوزيشن ڏني وئي، جڏهن ته کيس روڪ رقم به انعام طور ڏني وئي.

تقريب جي مهمان خاص سڌ سماءَ بابت وزيراعظم جي اسپيشل اسسٽنٽ فردوس عاشق اعواڻ هئي، جڏهن ته پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس اسلام آباد جي ڊائريڪٽر جنرل جمال شاهه پڻ شرڪت ڪئي.

قومي پينٽنگ جي نمائش سڌ سماءَ واري وفاقي وزارت پاران پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽ اسلام آباد ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين جي ڊائريڪٽر سعيد احمد منگي کي به تعريفي سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو.01