جاپان ۾ جي ٽوئنٽي اجلاس شروع، آمريڪا چين واپاري جنگ ايجنڊا ۾ سڀ کان پهريان

news

ٽوڪيو: جمعو 28 جون 2019ع: جاپان جي شهر اوساڪا ۾ 20 ترقي يافته ملڪن جي سربراهن تي ٻڌل ساليانو اجلاس جي 20 جاري آهي. جي 20 اجلاس ترقي يافته ملڪن جي سربراهن جو اهم فورم آهي جيڪو 19 ملڪن جي ليڊرز ۽ يورپي يونين تي ٻڌل آهي.

اوساڪا ۾ 2 ڏينهن تائين جاري رهندڙ اجلاس جي سڀ کان پهرين ايجنڊا ٻن وڏين معاشي طاقتن آمريڪا ۽ چين وچ ۾ واپاري جنگ جو حل ڳولڻ آهي.

اجلاس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، چيني صدر شي جن پنگ، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي، سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان، روسي صدر ولاديمير پيوٽن، ميزبان جاپاني وزيراعظم شنزو ايبي سميت ٻيا اڳواڻ شريڪ آهن.

اجلاس کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ روسي هم منصب ولاديمير پيوٽن وچ ۾ ملاقات به ٿي جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.