انسانن کانپوءِ هاڻ جانورن جو به پوسٽ مارٽم ٿيڻ لڳو

news

فيصل آباد: جمعو 28 جون 2019ع: فيصل آباد ۾ انسانن کانپوءِ جانورن جو پوسٽ مارٽم به ٿيڻ لڳو، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ثابت ٿي ويو ته جانور زهر کائڻ سبب مئا هئا.

تفصيل موجب انسانن کانپوءِ جانورن جو به پوسٽ مارٽم ٿيڻ لڳو، جڙانوالا جي ڳوٺ 583 جي رهواسي محمد مشتاق جي ٻڪري ۽ ٻڪرو فوت ٿي ويا هئا.

مشتاق شڪ جي بنياد تي ٻنهي جانورن جي پوسٽ مارٽم لاءِ درخواست ڏني، ٻنهي جانورن جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ثابت ٿي ويو ته جانور زهر کائڻ سبب مئا.

مشتاق کي شڪ هو ته مخالفن ان جي جانورن کي زهر ڏنو آهي جنهن تي هن پوسٽ مارٽم ڪرايو، متاثر شخص مشتاق جو چوڻ هو ته جانور عير تي وڪري لاءِ پاليا هئا ۽ مخالفن پنهنجي رنجش جو بدلو وٺڻ لاءِ جانورن کي زهر کارايو ته جيئن منهنجو نقصان ٿي سگهي.