پنوعاقل ڀرسان زمين جي تڪرار تان انڍڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، ويهه ڄڻا زخمي

news

پنوعاقل: جمعو 28 جون 2019: پنوعاقل ڀرسان زمين جي تڪرار تان انڍڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 5 عورتن سميت 20 ڄڻا زخمي، تعلقي اسپتال منتقل.

رپورٽ موجب سٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي امام بخش انڍڙ ۾ زمين جي ٻني تي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيڻ ڪري لٺين ۽ ڪھاڙين جو آزاداڻو استعمال ڪرڻ سبب ٻنھي ڌرين جا 15 مرد ۽ 5 عورتون زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ رحيم بخش، سونو، عبدالخالق، سليم انڍڙ، نويد، لطف انڍڙ، عبداللہ انڍڙ، سجاد انڍڙ، قدير انڍڙ، علائو الدين انڍڙ، مائي حليمه، مائي صاحبان، مائي حبان، محمد اسماعيل، محمد اسحاق، مشتاق احمد، اياز احمد، محمد قاسم، محمد راشد، واجد، مائي مٺڻ ۽ فرزانا شامل آھن.

اطلاع تي پنوعاقل پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي جھيڙي کي ٽاري زخمين کي کڻائي تعلقي اسپتال آندو. جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي.

ھوڏانھن پنوعاقل ٿاڻي تي واقعي جي ڪيس داخل ٿي نه سگھيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي.