واهي پانڌي لڳ گورک هل اسٽيشن ويندڙ گاڏي جي ٽڪر ۾ عورت فوت، چار ڄڻا زخمي

news

واهي پانڌي: جمعو 28 جون 2019: سنڌ جي تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن تي ويندڙ سياحن سان ويگو گاڏي سان کاول لڪ وٽ روڊ حادثو، حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت چار ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا.

تفصيل موجب سنڌ جي تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن تي ويندڙ سياحن جي گاڏي سان کاول لڪ وٽ لاڙڪاڻي واسين سان روڊ حادثو پيش آيو.

حادثي جي نتيجي مرڪ زال احسان شيخ فوت ٿي وئي. جڏهن ته حادثي ۾ احسان شيخ، سيما، شڪينه زال راحيل ۽ ٻارڙي ورين شيخ شديد زخمي ٿي پيا.

زخمين کي دادو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائيجي ويو آهي.