زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام گرلز هاسٽل مان شاگردياڻي کان ڪمرو خالي ڪرائڻ وارو مامرو، شهلا رضا نوٽيس ورتو

news

ٽنڊوڄام: جمعو 28 جون 2019: زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي گرلز هاسٽل ۾ آڌي رات جو ايم ايس سي جي شاگردياڻي ماهين خانزادو کان زبردستي ڪمرو خالي ڪرائڻ ۽ مبينه تذليل ڪرڻ واري معاملي جون خبرون ميڊيا تي اچڻ بعد عورتن جي ترقي واري کاتي جي صوبائي وزير شهلا رضا نوٽيس ورتو.

وومين ڪمپلينٽ سيل حيدرآباد جي انچارج قرت العين شاهه کي انڪوئري آفيسر مقرر ڪري، هدايت جاري ڪئي آهي ته شاگردياڻي واري معاملي جي جاچ ڪري جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ شاگردياڻي جي تذليل ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

وومين ڪمپلينٽ سيل حيدرآباد جي انچارج قرت العين شاهه ٻڌايو آهي ته زرعي يونيورسٽي ۾ گذريل ڏينهن شاگردياڻي ماهين خانزادو کان زبردستي ڪمرو خالي ڪرائڻ جو صوبائي وزير شهلا رضا نوٽيس وٺندي مونکي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو آهي.

انهي سلسلي ۾  سومر جي ڏينهن زرعي يونيورسٽي وڃي، يونيورسٽي جي انتظاميه، متاثر شاگردياڻي ۽ ٻين شاگردن سان ملاقات  ڪري انهن جا بيان قلمبند ڪيا ويندا ۽ انڪوائري مڪمل ڪري صوبائي وزير شهلا رضا کي انڪوائري رپورٽ موڪلي ويندي. جنهن بعد  معاملي جي ذميوارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.

هوڏانهن سنڌ زرعي يونيورسٽي جي گرلس هاسٽل مان شاگردياڻي کي نيڪالي ڏيڻ واري مامري بابت يونيورسٽي جي ترجمان اصغر علي ڀٽي بيان جاري ڪندي چيو آهي، ته گذريل هڪ ٻن ڏينھن کان ميڊيا ۾ زرعي يونيورسٽي جي گرلز ھاسٽل مان شاگردياڻي ماھين خانذادو کي بيدخل ڪرڻ واريون خبرون ھلي رھيون آھن، جيڪي درست ناھن.

ڄاڻايل شاگردياڻي پنھنجي تعليم پوري ڪري چڪي آھي ۽ سندس ھاسٽل الاٽمنٽ جو مدو پڻ ختم ٿي چڪو آھي. اھڙي صورتحال ۾ شاگردياڻي کي ھاسٽل وارڊن طرفان روم خالي ڪرڻ جو چيو ويو.

جنھن تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ۽ ڪجهه ماڻھن کي ھڪ موبائيل ميسيج موڪليو، جنھن ۾ ھن ھاسٽل وارڊن مٿان روم مان نيڪالي ڏيڻ سميت مختلف الزام مڙھيا.

جيڪي حقيقت جي بلڪل برعڪس آھن. شاگردياڻي کي ڪنھن به روم مان نيڪالي نه ڏني ۽ نه ئي سندس سامان ٻاھر اڇلايو ويو.

شاگرياڻي ماھين خانزادو پنھنجي ميسيج ۾ اھو به ڄاڻايو آھي ته گذريل رمضان جي مھيني ۾ ھن جا والدين لاڏاڻو ڪري ويا آھن. دراصل انهي سبب جي ڪري ھوءَ ذھني دٻاءُ جو شڪار ٿي آھي ۽ ھن ھاسٽل وارڊن مٿان الزام مڙھيا آھن.

زرعي يونيورسٽي انتظاميه ھن سموري معاملي کي غور ھيٺ آڻڻ بعد شاگردياڻي جي وارثن سان رابطو ڪري کين سڄي حقيقت کان آگاہ ڪيو. جنھن بعد شاگردياڻي کي ھن جي مرضي موجب پنھنجي وارثن ڏانھن اماڻيو ويو آھي. ان ۾ ڪابه بيدخلي ناھي.

اھو به واضح ڪريون ٿا ته زرعي يونيورسٽي سنڌ جو واحد زرعي ادارو آھي، جيڪو پنھنجي شاگردن کي پرامن فضا ۾ تعليم ڏئي رھي آھي، جنھن ڪڏھن به ڪنھن شاگرد يا شاگردياڻي سان ناانصافي ناھي ڪئي.