ڪوٽڙي ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو

news

ڪوٽڙي: جمعو 28 جون 2019: ڪوٽڙي ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ مان افغانين کي نيڪالي ڏيو ۽ ڌارين آبادڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي اڳواڻن شبير ساند، قاري وزير، مختيار چنا ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ افغاني پناهگيرن کي نيڪالي ڏني وڃي. سنڌ يتيم خانو ناهي جو ڌارين لوڌ کي منهن ڏئي سگهي.

افغانين جي آبادڪاري سنڌ ۾ امن لاء خطرو پڻ آھي. ڌارين جي لوڌ سبب سنڌ جو ڌرتي ڌڻي اقليت ۾ تبديل ٿي رهيو آھي.

ڪراچي سنڌ آھي سنڌ کان ڪراچي ڪير به ڌار نٿو ڪري سگهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ جو ماڻهو سجاڳ ٿئي سنڌ تي ڌارين يلغار کي  روڪڻ لاء اڳتي اچن نه ته سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي وينداسين.

هنن مطالبو ڪيو ته افغانين، بنگالين، برمين کي نيڪالي ڏني وڃي. ھنن چيو ته جيڪڏھن افغانين کي نيڪالي نه ڏني وئي ته سڄي سنڌ اندر ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.