گوگل ميپ هاڻ بس يا ٽرين ۾ رش کان به آگاهه ڪندو

news

نيويارڪ: ڇنڇر 29 جون 2019ع: گوگل ميپ رستن جو ٻڌائڻ کانپوءِ هاڻ بس يا ٽرين ۾ رش کان به آگاهه ڪندو. ان کان اڳ 2017ع ۾ به اهڙي طرح جو هڪ فيچر متعارف ڪرايو ويو هو جنهن وسيلي اها معلوم ڪري سگهجي پيو ته ريسٽورنٽ ۽ اسٽور ۾ ڪيتري رش آهي.

گوگل ميپ جي ان فيچر سان اوهان کي اهو معلوم ٿي سگهندو ته جنهن جاءِ تي اوهان وڃي رهيا آهيو ان رستي تي ويندڙ ٽرين يا بس ۾ ڪيتري رش هوندي.

گوگل ميپ جي ان فيچر سان اوهان کي اها خبر پئجي سگهندي ته جنهن جاءِ تي اوهان وڃي رهيا آهيو ان رستي تي ويندڙ ٽرين يا بس ۾ ڪيتري رش هوندي.

گوگل ان فيچر کي سڀ کان پهريان سڊني ۾  تجربو ڪندو، شروعات ۾ اهو فيچر دنيا جي 200 شهرن ۾ موجود هوندوج ن ۾ آمريڪا سان گڏوگڏ لاس اينجلس، نيويارڪ، پورٽ لينڊ ۽ بي ايريا شامل آهن جڏهن ته اهي انهن جاين جا 46 ميٽرو جاين تي موجود هوندا ۽ ان سان اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس واهپيدار فائدو کڻي سگهندا.

گوگل ميپ صبح 6 کان 10 وڳي تائين پنهنجي واهپيدارن جي رپورٽ ٺاهي ان جو تجربو ڪيو آهي جنهن کانپوءِ ان ئي اها خبر پئي ته هن وقت سڀ کان وڌيڪ رش بيونس آئرس، سائو پولو، پيرس، ٽوڪيو ۽ نيويارڪ جي ايل ٽرينن ۾ ٿيندي آهي.

ان کان علاوه گوگل ميپ ان ئي 200 شهرن جي ٽرينن جي دير ۽ اچڻ جي وقت جي به سموري ڊيٽا حاصل ڪري ورتي آهي.