مدي خارج شيون کائڻ جو انوکو تجربو

news

نيويارڪ: ڇنڇر 29 جون 2019ع: عام طور تي بازار جي ڪابه شئي خريد ڪرڻ وقت ان جو مدو ڏٺو ويندو آهي پر ميري لينڊ جو رهواسي ان جي برعڪس ڄاڻي واڻي ايڪسپائر ڊيٽ يعني مدي خارج شيون کائڻ جو عادي آهي. اسڪاٽ ناش نالي شهري پهريان مهينو پراڻي دهي کاڌي ۽ ان کانپوءِ 10 هفتا اڳ ئي ايڪسپائر ٿيندڙ ڪريم ۽ روٽيون کاڌيون.

اسڪاٽ ناش پنهنجي ان تجربي کي بلاگ وسيلي دنيا سان شيئر ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڪجهه شيون اهڙيون هونديون آهن جن تي تاريخ لکڻ جي ضرورت ناهي هوندي جن ۾ لوڻ، ماکي ۽ ٻارن جا وائپس شامل آهن. هن لکيو ته لوڻ پاڻ ڪروڙين سال پراڻو هوندو آهي ۽ ان تي ايڪسپائر تاريخ ڪيئن رکي سگهجي ٿي؟. هن اهو اعتراف ڪيو ته ڪجهه ڪمپنيون چاهين ٿيون ته ماڻهو تيزي سان انهن جو کاڌو واپرائن ته جيئن هو اسٽور مان نوان کاڌا ۽ شيون خريد ڪري سگهن ۽ ان جو منافعو وڌندو رهي.

اسڪاٽ ناش پاڻ به هڪ ماحوليات دان آهي ۽ هڪ ناليواري فوڊ اسٽور ڪمپني جو مالڪ به آهي. هن پنهنجي اسٽور ۾ رکيل شين جو جائزو ورتو ۽ تقريبن انهن سمورين شين کي کائڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو جيڪي تاريخ جي اعتبار سان پنهنجو مدو پورو ڪري چڪيون هيون.

اسڪاٽ ٻڌايو ته جيڪڏهن کاڌي جي شڪل، ذائقي ۽ بوءِ ۾ ڪجهه فرق ٿي وڃي ته اوهان ان کي نه ٿا کائي سگهو پر ڪجهه ماڻهو بهترين کاڌن کي به مدو ختم ٿيڻ جي هڪ ڏينهن کانپوءِ ئي ضايع ڪري ڇڏيندا آهن. ان تجربي کان آگاهه ڪرڻ جو هرگز اهو مقصد ناهي  ته شين کي ايڪسپائر ڊيٽ هجڻ باوجود به کاڌو وڃي پر شين تي لکيل لکتن جو مقصد بيان ڪ رڻ تقريبن هر شئي تي انهن ٻن لکتن مان ڪا هڪ لکت درج هوندي آهي best if use by  يا used by.

ان مان ڪنهن به پروڊڪٽ جي ڪوالٽي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، best if used by جو مطلب آهي ته پروڊڪٽ جو ذائقو خراب ٿي سگهي ٿو پر اڃان به استعمال جوڳو آهي جڏهن ته used by جو مطلب لکيل تاريخ کانپوءِ ان پروڊڪٽ جو استعمال نقصانڪار آهي.