واپاري محاذ تي آمريڪا ۽ چين جنگبندي تي متفق

news

ٽوڪيو: ڇنڇر 29 جون 2019ع: آمريڪا ۽ چين گذريل هڪ سال کان هڪ ٻئي تي ٽيڪسن جي گولي باري کي روڪڻ جو فيصلو ڪندي واپاري جنگبندي تي اتفاق ڪري ورتو آهي.

عالمي خابرو اداري موجب جاپان ۾ ٿيندڙ جي 20 سمٽ دوران چين ۽ آمريڪا جي صدرن وچ ۾ سائيڊ لائن ملاقات ۾ اختلاف ختم ٿي ويا آهن ۽  ٻنهي ملڪن واپاري جنگبندي جو فيصلو ڪيو آهي جنهن کانپوءِ ٻئي هڪ ٻئي جي شين تي واڌو ٽيڪس لاڳو نه ڪندا.

واپاري جنگبندي تي اتفاق سان گڏ ئي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ چيني هم منصب شي جن پنگ وچ ۾ ٿيندڙ ماحول جي تحفظ جي حوالي سان به هڪ اهم ڊيل طئه ٿي وئي آهي.

واپاري جنگ جا ڪڪر ڇٽجي وڃڻ جا عالمي واپار تي به خوشگوار اثر پوندا ۽ خطي ۾ امن استحڪام کي واڌارو ٿيندو.