عمران خان جي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي: مراد علي شاهه

news

سيوهڻ:آچر 30 جون 2019ع: ڳوٺ بوبڪ تعلقو سيوهڻ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪارڪن رئيس بنگل خان بوزدار جي وفات تي وارثن سان تعزيت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو ته آصف علي زرداري جيڪو ڪجهه چوندو آهي، اهو بلڪل ڪري ڏيکاريندو آهي، منهنجي خيال ۾ زرداري صاحب پاڻ سينيٽ چيئرمين نٿو بڻجڻ چاهي.

هن وقت جيڪو موجوده سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي آهي، جنهن کي به آصف زرداريءَ ئي سينيٽ چيئرمين ڪرايو هو. چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداريءَ وفاقي حڪومت ۽ اسپيڪر جي ڪردار جي مذمت ڪئي آهي، اپوزيشن کي ٻڌڻ کانسواءِ ئي زبردستي وفاقي بجيٽ کي منظور ڪيو ويو آهي ۽ ان بجيٽ ۾ ماڻهن تي جيڪي ٽيڪس لڳايا ويا آهن ۽ جيڪا مهانگائي وڌائي وئي آهي، ان حوالي سان اپوزيشن جي ميمبرن جي ڪابه ڳالهه ٻڌي نه وئي ۽ وفاق جي هن قدم جي اسان مذمت ڪريون ٿا. عمران خان جي حڪومت بلڪل ناڪام ٿي چڪي آهي.

ملڪ اندر مهانگائي جو طوفان اچي ويو آهي. هر طبقي جو ماڻهو چاهي اهو امير هجي، غريب هجي، بزنس مين هجي، هاري هجي، مزدور هجي ڀلي ڪهڙي به طبقي سان سندس تعلق هجي اهي سڀئي اهو چئي رهيا آهن ته وفاقي حڪومت بلڪل ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ منهنجي خيال ۾ حڪومت جي سربراهه کي واپس وڃڻ کپي.

نواز ليگ جي اسيمبلي ميمبرن جي وزيراعظم سان ملاقات بابت ن ليگ جي قيادت کان پڇيو وڃي، باقي اپوزيشن جي ميمبرن کي لالچون ڏئي، انهن کي حراسان ڪري انهن جي وفادارين کي تبديل ڪرڻ جي عمل جي آئون مذمت ڪريان ٿو.

هن سال وفاق چيو ته سنڌ حڪومت کي 665 ارب ڏينداسين، 13 جون تي ان رقم کي گهٽ ڪري 631 ارب ڪيا ويا ۽ هن وقت 17 جون تائين سنڌ حڪومت کي 505 ارب رپيا مليا آهن. فصلن تي ماڪڙ جي حملن سبب وڏو نقصان نه ٿيو آهي، ان حوالي سان سنڌ حڪومت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

پلانٽ پروٽيڪشن ڊويزن وفاقي سرڪار هيٺ آهي ۽ 1970 ۾ جڏهن شهيد ذوالفقار ڀٽو وزيراعظم پاڪستان هو ته اهو ادارو قائم ڪيائين ۽ ان وقت 17 جهاز ورتا هئائين، هن وقت صرف 6 جهاز وڃي، بچيا آهن ۽ انهن مان به صرف هڪڙو آپريشنل هو جيڪو وفاق موڪليو هو ۽ اهو به هتي اچڻ کانپوءِ خراب ٿي ويو. ماڪڙ سبب متاثر ٿيل علائقن ۾ اسپري جو ڪم جاري آهي ۽ اهو مسئلو نومبر تائين هلندو.01