فلوريڊا ۾ اڇن واڳُن جي جوڙي جي آنن مان وڌيڪ البينو واڳُن جي اميد

news

نيويارڪ: آچر 30 جون 2019ع: آمريڪا ۾ واقع ناياب ۽ اڇي ايلبينو واڳُن جي جوڙي 19 آنا ڏنا آهن جنهن کانپوءِ وڌيڪ اڇن واڳون پيد ٿيڻ جي اميد جاڳي آهي.

انتهائي اڇن واڳُن جو جوڙو ان وقت فلوريڊا جي هڪ پارڪ ۾ موجود آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو پري پري کان ايندا آهن، ان جي مادي جو نالو سنوفليڪ يعني برفيلو ذرو آهي ۽ نر جو نالو بليزرڊ يا برفاني طوفان رکيو ويو آهي.

ناياب قسم جي انهن واڳُن جي آڻن مان وڌيڪ اڇا واڳون هٿ ٿيڻ جي اميد آهي، مئي 2017ع ۾ انهن کي هڪ فارم مان هتي آندو ويو هو ۽ هو ان پارڪ ۾ پنهنجي نسل وڌائيندڙ پهريون البينو واڳون به آهن.

هينئر کان ٽي هفتا اڳ اڇن واڳُن جي نگراني ڪندڙ عملي چيو هو ته آخرڪار ان جوڙي 19 آنا ڏنا آهن جن مان اڇا واڳون ٿيڻ جي اميد آهي. انهن آنن جي حفاظت ڪئي پئي وڃي ۽ انهن کي خاص گرمي پد واري انڪيوبيٽر ۾ رکيو پيو وڃي ۽ آڻا بارآور ٿي رهيا آهن.

جڏهن ته ايلبينو جي ڪري مادي نابين ٿي چڪي آهي ۽ ان کي ڪجهه نظر نه ٿو اچي، ان جي ڪري ئي پارڪ جو عملو آنن کي هٿرادو طريقي سان وٺي رهيو آهي.