لاڙڪاڻو ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاجي مظاهرو

news

لاڙڪاڻو:آچر 30 جون 2019ع: لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي مختلف شهرن مان ڪيتري ئي عرصي کان کنڀي گم ڪيلن جي آزاديءَ لاءِ وارثن پاران سندن جون تصويرون، پلي ڪارڊ ۽ بئنر هٿن ۾ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي.

ان موقعي تي کنڀي گم ڪيل مرتضيٰ جوڻيجو، ڪاشف ٽڳڙ، عاقب چانڊيو، غلام مرتضيٰ سولنگي، شاهد جوڻيجو، رفيق عمراڻي، ايوب ڪاندڙو، انصاف دايو ۽ پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو جي وارثن جي وارثن عبدالڪريم ٽڳڙ، شازيه چانڊيو، عبداللطيف سولنگي، صوفيه عالماڻي، سجاد ڪانڌڙو، نثار ڪلهوڙو، ناياب سرڪش سنڌي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان اسان جي پيارن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جن جو اڃا تائين ڪوبه ڏس پتو نه ملڻ ڪري اسان جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي ۽ گهرڀاتين کي انتظار ٿو رهي ته ڪڏهن اسان جا پيارا گهرن ڏانهن موٽي ايندا.

هنن چيو ته کنڀي گم ڪيلن جي آزاديءَ لاءِ اسان ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا آهن پر اڄ ڏينهن تائين سنڌ حڪومت توڙي لاڳاپيل اختيارين ڪوبه نوٽيس ناهي ورتو.

هنن چيو ته ڪيترن ئي کنڀي گم ڪيل ماڻهن جا وارث صدمي ۾ فوت ٿي چڪا آهن، هينئر ڪيترائي بيماري جي بستري تي پيل آهن پر ڪير به دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته کنڀي گم ڪيل ماڻهن مٿان جيڪڏهن ڪنهن به قسم جا ڪيس داخل آهن ته کين عدالت ۾ پيش ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي پر کين کنڀي گم ڪري ظلم ڪيو ويو آهي.

هنن سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، وڏي وزير، اقوام متحده جي سيڪريٽري، انساني حقن جي عالمي تنظيمن سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل سنڌ واسين کي آزاد ڪرائڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي.01