ملتان ۾ گهريلو تڪرار تان جوابدارن هڪ ئي خاندان جي ڏهن ڄڻن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ ساڙي ڇڏيو

news

ملتان:(سومر 01 جولاءِ 2019ع) ملتان جي علائقي حسن آباد ۾ قتل جو ڇرڪائيندڙ واقعو ٿيو آهي جنهن ۾ هڪ ئي خاندان جي 10 ڄڻن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ لاشن کي ساڙيو ويو.

سٽي پوليس آفيسر عمران محمود موجب ملتان جي علائقي حسن آباد ۾ هڪ ئي خاندان جي 10 ڄڻن کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ کان پوءِ لاشن کي ساڙيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار اجمل پيءُ ظفر سان ملي زال، ٻارن ۽ سالي کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس ٻڌايو ته جوابدار اجمل سعودي عرب ۾ نوڪري ڪندو هو ۽ ڪجهه ئي ڏينهن اڳ ملڪ واپس پهتو هو. پوليس موجب ٻنهي جوابدارن پيءُ پٽ کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن کان واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.