ڪوٽڙي جي ڪريم ڪاٽن فيڪٽري ۾ نوجوان جو لاش هٿ، وارثن پاران قتل جو الزام

news

ڪوٽڙي: سومر 01 جولاءِ 2019ع: ڪوٽڙي جي ڪريم ڪاٽن فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ ڊگهڙي واسي نوجوان پورهيت مڪيش ڪمار ميگهواڙ جو رتورت ٿيل لاش ڀر واري پال ڪاٽن فيڪٽري مان مليو، پوليس نوجوان پورهيت جي فوت ٿيڻ واري معامري کي ڇت تان هيٺ ڪري فوت ٿيڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو، وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪندي جاچ جو مطالبو ڪيو آھي.

ڪوٽڙي سائيٽ جي واقع ڪريم ڪاٽن مل ۾ آٽو ڪون کاتي ۾ ڪم ڪندڙ 18 سالن جو پورهيت مڪيش ڪمار پنهنجي دوستن سان ڪچهري ڪرڻ بعد گم ٿي ويو، جنهن جو رات دير سان پال فيڪٽري مان مٿي ۾ ڌڪ لڳل لاش مليو، جنهن بعد حد جي پوليس کي اطلاع ڪيو ويو، پوليس لاش کڻائي بلاول ميڊيڪل اسپتال ڪوٽڙي پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، فوتي پورهيت جي وارثن کي ڊگهڙي ۾ اطلاع ڏنو ويو، جتان فوتي جي امڙ، والد ۽ ڀائر اسپتال پهچي ويا، جيڪي لاش کي چنبڙي ويا ۽ دانهو ڪندا رهيا.

فوتي جي امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا. فوتي جي ڀاءَ داجي ميگهواڙ ٻڌايو ته پوليس ڀاءَ جي موت جو ڪارڻ ڇت تان هيٺ ڪري پوڻ ٻڌائي پئي پر هڪڙي فيڪٽري مان ٻئي فيڪٽري ۾ ڪيئن ڪري فوت ٿيو آھي، هي قتل جو شڪ لڳي ٿو، کيس ڪنهن ماري ٻئي فيڪٽري ۾ اڇلائي واقعي کي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، اسان سان ظلم ٿيو آھي، ڀاءُ خودڪشي نٿو ڪري سگهي.01