نئون ڪوٽ ۾ ڪولهي اتحاد پاران ٺيڪيدار جي ظلم خلاف احتجاجي ريلي

news

نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيار علي نهڙيو) سومر 01 جولاءِ 2019ع:انب جي ٺيڪيدار پاران غريب مزدورن کي ڪيل انبن جي پٽائي جي مزدوري نه ڏيڻ خلاف سنڌ ڪولهي اتحاد جي اڳواڻ رڻشال ڪولهي، ڪيول ڪولهي، ويرمل ڪولهي، تارو ڪولهي، چندر ڪولهي، گهمڻ، ڪرمڻ، شريمتي لڇمي، شريمتي راڌان ۽ شريمتي شانتي جي اڳواڻي ۾ عورتن مردن ۽ ٻارن ساڻ نئون ڪوٽ جي تاريخي قلعي کان پريس ڪلب نئون ڪوٽ تائين ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان انبن جي باغن جي ٺيڪيدارن تحسين، سليم، نديم چيو ته ڏيڍ مهينو انب جي پٽائي انب کڻڻ کوکا ڀرڻ ۽ گاڏيون ڀرڻ جي مزدوري ڪئي، اسان جي ٽوٽل مزدوري 15 لک رپيا ٿي، جنهن مان ٺيڪيدارن اسان کي اٺ لک رپيا ڏنا باقي ست لک رپيا ٺيڪيدار چيو ته توهان آيل ليبر ڳوٺن ڏانهن واپس موڪليو، پنجاب مان جيئن اسان وٽ پيئمنٽ ايندي اسان اوهان کي ڏينداسين اسان موجود اتي 144 مزورن جو ليبر واپس پنهنجي ڳوٺ ننگر پارڪر موڪليو.

اسان کي هنن پئسا 26 جون تي چيو هو، جڏھن اسان پئسا کڻڻ وياسين ته اسان کي ھنن ٺيڪيدارن ڌمڪيون ڏيندي چيو ته توهان جي ڪابه مزدوري اسان وٽ نه آھي، توهان هتان هليا وڃو، توهان کي انب چوري ڪرڻ جي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪرائينداسين. هنن چيو ته اسان ٻارن ٻچن سميت مزدوري ڪئي آھي، اسان پنهنجي مزدوري جو حق گهرون ٿا، جنهن تي ٺيڪيدار اسان کي ڌمڪيون ڏين ٿا.

هنن چتاءُ ڏنو ته اسان کي پنهنجي مزدوري جا پئسا نه مليا ته اسان سنڌ ڪولهي اتحاد جي پليٽ فارم تان سڄي سنڌ ۾ پريس ڪلبن اڳان احتجاج ڪنداسين. هنن وس وارن ادارن آءِ جي سنڌ، ڪمشنر ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کان اپيل ٿا ڪيون ته بااثر ٺيڪيدارن کان ڪيل مزدوري جي رقم ڏياري وڃي.01