گهوٽڪي ۾ مهرن سميت مختلف اميدوارن پاران اليڪشن جون تياريون شروع

news

جروار (رپورٽ: حاڪم علي بوزدار)سومر 01 جولاءِ 2019ع: گهوٽڪي اين اي 205 تي ٿيندڙ اليڪشن سياسي ماحول گرم ڪري ڇڏيو، اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ نمائندن پنهنجو ووٽ بينڪ حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي، گهوٽڪي جي اين اي 205 تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ مهر سردار مامو ۽ ڀاڻيجو آمهون سامهون بيٺل.

ان حوالي سان مهر برادري توڙي سندن حمايتي ۾ مونجهاري جو شڪار، مومل جي ماڙي ۾ به سياسي سرگرميون عروج تي پهچي ويون. پ پ اميدوارن جي دوري کانپوءِ آزاد اميدوار به ميدان تي نڪتل، مومل جي ماڙي جي اڪثر مهر برادري پنهنجي چيف سردار محمد بخش خان کان باغي ٿي احمد علي خان مهر جي ڪيمپ ۾ شامل ٿي ويا، يوسي ٻيرڙي جو وائيس چيئرمين مولابخش مهر به چيف سردار محمد بخش خان مهر کي ڇڏي احمد علي خان مهر جي گروپ ۾ شامل ٿي ويو.

مرحوم سردار  علي محمد خان مھر جي پٽ اين اي 205 جي آزاد اميدوار سردار احمد علي خان مھر حاجي خان مهر خان مهر مومل جي ماڙي جي مختلف ڳوٺن الهڏنو ڪلادي غلام نبي قلاتي ارباب ڪلادي مومل جي ماڙي  ۾ مختلف برادري سان ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون. ان موقعي تي سردار احمد علي خان مھر خطاب ڪندي چيو ته منھنجو والد مرحوم سردار علي محمد خان مھر جنھن پنھنجي حيايت ۾ ھميشه ھتان جي عوام لاءِ پاڻ پتوڙيو ھو ۽ ان جي انھي جدوجھد جو مثال گھوٽڪي ضلعي جا اھي ادارا آھن، جيڪي بابا جي محنتن سان گھوٽڪي ۾ قائم ٿيا. 

ھن جو وڌيڪ چوڻ هو ته منھنجي عوام سان محبت به ايتري ئي آھي، جيتري بابا سائين جي عوام سان ھئي. سردار احمد علي خان مھر جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ھر پٽ جي خواھش ھوندي آھي ته ھو پنھنجي والد جو خواب پورو ڪري جيڪو خواب پورو ڪرڻ لاءِ آئون ميدان ۾ لٿو آھيان ۽ مونکي يقين آھي ته گھوٽڪي ۽ خانڳڙھ جي عوام جي محبتن سان سوڀارو ٿي بابا مرحوم وانگر ھتان جي ماڻھن جو سھارو بڻجندس.

ان موقعي ضلعي چيئرمين حاجي خان مهر ڳوٺ ولي محمد ٻرڙو، ارباب ڪلادي ۽ مومل جي ماڙي ۾ احمد علي خان مهر حاجي خان مهر  مختلف برادرين ڪلادي، ڪڪڙا، ٻرڙا، ڀٽي، ٽڳڙ، وسير، لغاري، ماڇي، شاهاڻي، منگي، مهر، ڀٽا، شيخ ۽ ٻين برادرين جي گڏجاڻين ۾ چيو ته سردار علي محمد خان مهر پنهنجي وڏ وزارت دوران پوري سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن.

هتان جو عوام هر دور ۾ مهر ڀائرن جو ساٿ ڏنو آهي، هن اليڪشن ۾ به احمد علي خان مهر کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا، هتان جي عوام سردار علي محمد خان سان ساٿ نڀايو آهي، هن ڀيري به ساٿ نڀائيندي، احمد علي خان مهر خان کان اميد آهي ته پنهنجي والد جي رستي تي هلي عوام جي خدمت ڪندو.

ان موقعي ته آزاد اميدوار احمد علي خان مهر ۽ حاجي خان مهر سان يوسي ٻيرڙي جو چيئرمين بگن خان ڪلادي، چوڌري لياقت آرائين، ڪانڊيرو خان ڪلادي، سڪندر اعظم ڪڪڙو ۽ ٻيا گڏ هئا.01