ٽنڊوڄام: نيب پاران جوڙيل ڪاميٽي شرجيل انعام ميمڻ جي راول فارم هائوس پهتي

news

ٽنڊوڄام: سومر 01 جولاءِ 2019ع:نيب پاران جوڙيل ڪميٽي شرجيل انعام ميمڻ جي راول فارم هائوس پهتي. مال جي واڙي، زمين ۽ راول هائوس جي پيمائش ڪئي وئي. ڍورن جي ڳڻپ ڪئي وئي.

خبر موجب نيب پاران جوڙيل ڪميٽي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ پاران ظاهر ڪيل اثاثن جي ڀيٽ لاءِ ٽنڊوڄام ويجهو شرجيل انعام ميمڻ جي راول فارم هائوس پهتي.

نيب، روينيو ۽ ايڇ ڊي اي عملدارن تي مشتل ڪميٽي راهوڪي پهچي، راول فارم هائوس ۽ ڳوٺ حسين بخش ملاح ويجهو واقع شرجيل انعام ميمڻ جي مال جي واڙي جي پيمائش ڪئي ۽ واڙي ۾ موجود ڍورن جي ڳڻپ ڪرڻ بعد فوٽو ڪڍيا ۽ وڊيو ٺاهي.

ذريعن موجب ڪارروائي دوران ڪنهن به قسم جو رڪارڊ وغيره تحويل ۾ نه ورتو ويو آهي ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آندي وئي. نيب پاران جوڙيل ڪميٽي ضروري ڪارروائي بعد ميڊيا کي ڪوبه موقف ڏيڻ بنا واپس رواني ٿي وئي.01