ڪوٽڙي ۾ شهري اڪبر مغيري جي گهر ۾ ڏهه لک روڪ رقم سميت سون چوري، ٻه شڪي گرفتار

news

ڪوٽڙي: سومر 01 جولاءِ 2019ع:ڪوٽڙي جي خداجي بستي ۾ هڪ گهر اندر چور داخل ٿي گهر مان لکين رپيا روڪ رقم ۽ سون چوري ڪري ويا، چور آساني سان فرار، شهرين پاران وڌندڙ ڏوهن جو زميوار ايس ايڇ او ڪوٽڙي کي قرار ڏئي ڇڏيو، کيس هٽائڻ جو مطالبو. ڪوٽڙي جي خداجي بستي چار نمبر واري علائقي ۾ اڪبر مغيري جي گهر ۾ رات دير سان چور داخل ٿي گهرڌڻين جا 10 لک رپيا روڪ رقم، ٽي تولا سون ۽  ٻيو گهر ۾ پيل سامان ٻهاري ويا.

واقعي بعد مغيري برادري جا ماڻهو وڏي انگ ۾ پهچي ويا ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ واقعي واري هنڌ ڊي ايس پي ڪوٽڙي نظر محمد  ڊيشڪ ۽ ٻيا پوليس عملدار خداجي بستي پهچي ويا، جن علائقي ۾ چورن جا پيرا کڻي ڊڪي ورتا ۽ بعد ۾ کوجي ڪتا گهرايا، پوليس موجب گهر ڌڻي گهر ۾ موجود نه هئا، ان ڪري چورن گهر ڌڻين جي غير موجودگي جو فائدو وٺي چوري ڪئي آھي، اسين معامري جي جاچ ڪيون پيا، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا. کوجي ڪتا گهرائي چورن جا پير کنيا آهن ته  کوجي ڪتن جا پير ممتاز سولنگي جي گهر ۾ لڳا آهن، اسان شڪ ۾ ممتاز سولنگي ۽ سڄڻ جهتيال  کي گرفتار ڪيو آهي.

ان موقعي تي گهر ڌڻي امتياز مغيري رابطو ڪرڻ تي ڳالهائيندي چيو ته منهنجو مامو فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ سڀئي گهرڌڻي ڀاءُ، ڀاڄائي ۽ ٻار سڀ رات جو 12 وڳي مامي جو لاش کڻائي لاڙڪاڻي هليا ويا، گهر ۾ مان اڪيلو ستل هئس، صبح جو ننڍ مان اٿس ته گهر جو سامان وکريل هو ۽ چيڪ ڪيم ته 10 لک روپيا روڪ رقم 3 تولا سون، بنڊارو، چوڙيون، هار، منڊيون ۽ ٻيو سامان  چوري ڪيا ويا آھن، اسان جي  ڪنهن سان دشمني به ناهي. هن مطالبو ڪيو ته چوري ٿيل رقم، سون واپس ڪرايو وڃي.

هوڏانهن پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي چوري جي شڪ ۾ ٻيا ڄڻا ممتاز سولنگي ۽ سڄڻ جهتيال کي گرفتار اڻڃاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي ڪوٽڙي نظر ڊيشڪ ٻڌايو ته خداجي بستي ۾ اڪبر مغيري جي گهر ۾ چوري ٿي آهي، اسان کوجي ڪتا گهرايا آهن، اهي هڪ گهر ۾ ويٺا آهن، ان گهر ڌڻي کي گرفتار ڪيو آهي.

هوڏانهن ڪوٽڙي پوليس چوري جي الزام هيٺ فنڪارا سيما سحر جي گهر تي چڙهائي ڪري عورتن ٻارڙن تي وحشياڻو تشدد ڪري فنڪارا جو نوجوان پٽ سڄڻ جهتيال کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي فنڪارا سيما سحر احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڊي ايس پي ڪوٽڙي نظر ڊيشڪ بناجواز اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري چادر چارديواري جو تقدس پائمال ڪيو آهي ۽ منهنجو پٽ سڄڻ جهتيال کي کنڀي گم ڪيو آهي، جيڪا سراسر ناجائزي آهي، منهنجو پٽ رات جو ڊيوٽي تي هو صبع جو گهر آهيو ته پوليس کنڀي گم ڪيو آهي، پٽ ڦل فورن آزاد ڪيو وڃي.01