سڪرنڊ جي ٽائون ڪاميٽي پاران شاھ لطيف پبلڪ لائبريري کي ڇائتاليهه سال مڪمل ٿيڻ تي تقريب

news

سڪرنڊ: سومر 01 جولاءِ 2019ع:سنڌ جي نالي واري تعليمي ماهر رٽائرڊ پروفيسر نيڻو مل چيو آهي ڪتاب انسان جو اصل دوست آهي جن ڪتابن سان عشق ڪيو انهن کي هر گهربل شيءِ ملي وئي آهي جنهنجا مثال دنيا ۾ موجود آهن.

هو سماج سڌارڪن ٻن نوجوانن جاويد سومرو ۽ امجد خانزاده پاران ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي سهڪار سان شاھ لطيف پبلڪ لائبريري کي 46 سال مڪمل ٿيڻ واري سالياني تقريب کي صدارتي خطاب ڪري رهيو هو نيڻو مل چيو ته سڪرنڊ سنڌ کي چيف سيڪريٽري ۽ فيڊرل سيڪريٽري سميت سٺا سٺا نالا ڏنا جن تعليم پرائي اعليٰ مقام ماڻيا اسان ان دور ۾ پڙهياسين جڏھن ڪاپي جو تصور ئي نه هو تعليمدان رائون عبدالمنان چيو ته شاھ لطيف لائبريري لڳ ڀڳ اڌ صديءَ کان قائم آهي پر هن جي سنڀال ماضيءَ ۾ درست  طريقي سان نه ٿي آھي ڪتابن جي چوريءَ جو سلسلو به رهيو آهي پر هن وقت نئين چونڊيل چيئرمين منير شاھ مان بهتر اميد آهي نامياري ڪهاڻيڪار محمد صديق منگيو چيو ته هن لائبريري جي قيام ۾ سندس والد مرحوم عبدالرحمان “ عبد منگيو“ جو اهم ڪردار رهيو آهي اسان هتان گهڻو ڪجھ پرايو آهي.

پروفيسر منير احمد ڏهيو چيو ته جن به علم ۽ ڪتابن سان دلچسپي رکي تن منزلون ماڻيون آهن ٽائون ڪامييٽي جي وائيس چيئرمين نور احمد لاکو چيو ته شاھ لطيف لائبريري کي جديد طريقي ۽ نون ڪتابن سان سينگاريو ويو آهي نوجوان ان مان مستفيد ٿين ان موقعي تي سڪرنڊ پريس ڪلب جي جنرل سڪريٽري قاضي جاويد سنائي لائبريري کي 500 ڪتابن جو تحفو پيش ڪيو جيڪوکيس ايڊووڪيٽ راشد منور خانزاده پاران مليل هو قاضي جاويد چيو ته مون محسوس ڪيو ته هي ڪتاب منهنجي گهر ۾ هجڻ کان بهتر آهي ته پپلڪ لائبريري ۾ هجن ته جيئن عام ۽ غريب شاگرد فائدو حاصل ڪري سگهي تقريب کي اديبن، شاعرن ۽ صحافين پڻ خطاب ڪيو جن ۾ حيدر خانزاده ، علي نواز ڏاهري ، اسد ڪيريو، محمد حنيف سومرو، راشد مڪرم ، عبدالحميد آرائين ، حسين ڪيريو، خيمچند اوڏ، سعيد خانزاده شامل هئا آخر ۾ ميزبانن جاويد احمد سومرو ۽ محمد امجد خانزاده آيل مهمانن لائبريري سنڀاليندڙ عبدالرزاق رند ۽ محمد قاسم خاصخيلي سان گڏ سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو.01